Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 146 - Sindhi Bible

1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. اي منهنجي جان خداوند جي تعريف ڪر.

2 جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي تعريف ڪندس: جيسين منهنجو وجود آهي تيسين آءٌ خداوند جي حضور ۾ تعريف ڳائيندو رهندس.

3 اوهين پنهنجو ڀروسو سردارن تي نہ رکو، نڪي بني آدم تي، جي بچائي نٿا سگهن.

4 انهن جو ساهہ نڪري ٿو، هو وڃيو مٽيءَ ۾ ملن؛ انهي ڏينهن سندن خيال فنا ٿيو وڃن.

5 اهو ماڻهو مبارڪ آهي جنهن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، جنهن جي اميد خداوند سندس خدا ۾ آهي:

6 جنهن آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو؛ جو سچ کي سدائين قائم ٿو رکي:

7 جو ستايلن جو انصاف ٿو ڪري؛ ۽ بکايلن کي کاڌو ٿو ڏئي: خداوند قيدين کي ڇڏائي ٿو.

8 خداوند انڌن جون اکيون ٿو کولي، خداوند جهڪيلن کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري خداوند راستبازن کي پيار ٿو ڪري.

9 خداوند پرديسين کي سنڀالي ٿو؛ هو يتيمن ۽ بيوهن جي سنڀال ٿو ڪري؛ پر بڇڙن جي واٽ آڏي اُبتي ڪريو ڇڏيو.

10 خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو، اي صيون تنهنجو خدا سڀني پيڙهين تائين بادشاهي ڪندو، اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan