Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 145 - Sindhi Bible

1 اي منهنجا خدا، اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس؛ ۽ آءٌ سدائين تنهنجي نالي کي مبارڪ چوندس.

2 هر روز آءٌ توکي مبارڪ چوندس؛ ۽ سدائين تنهنجي نالي جي تعريف ڪندس.

3 خداوند عظيم آهي، ۽ گهڻيءَ تعريف جي لائق آهي؛ ۽ سندس عظمت دريافت ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

4 هڪڙي پيڙهيءَ جا ماڻهو ٻيءَ پيڙهيءَ کي تنهنجن ڪمن جي تعريف ٻڌائيندا، ۽ تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا.

5 آءٌ تنهنجي جلال واري شان ۽ شوڪت تي، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور ڪندو رهندس.

6 ۽ ماڻهو تنهنجي قدرت جي خوفناڪ ڪمن جو ذڪر ڪندا؛ ۽ آءٌ تنهنجي عظمت جو بيان ڪندس.

7 اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛

8 خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ ڏاڍو رحيم آهي.

9 خداوند سڀني سان ڀلو آهي؛ ۽ هن جو رحم سندس سڀني مخلوقن تي آهي.

10 اي خداوند تنهنجي سڄي مخلوق تنهنجو شڪر ڪندي؛ ۽ تنهنجا مقدس توکي مبارڪ چوندا،

11 اهي تنهنجيءَ بادشاهت جي جلال جو ذڪر ڪندا، ۽ تنهنجي قدرت جون ڳالهيون ڪندا؛

12 تہ بني آدم تي تنهنجا قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شان واريءَ بادشاهت جو جلال ظاهر ڪن.

13 تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، ۽ تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم ٿي رهي.

14 خداوند انهن سڀني کي جيڪي ڪرن ٿا سنڀالي ٿو، ۽ جيڪي جهڪي ٿا پون تن سڀني کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري.

15 سڀني جون اکيون تنهنجو انتظار ٿيون ڪن؛ ۽ تون کين وقت تي کاڌو ٿو پهچائين.

16 تون پنهنجي مٺ ٿو کولين، ۽ هر ڪنهن جاندار جي خواهش پوري ٿو ڪرين.

17 خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ راستباز آهي، ۽ پنهنجين سڀني ڪمن ۾ رحيم آهي.

18 خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن.

19 جيڪي کانئس ڊڄن ٿا هو انهن جي مراد پوري ڪندو؛ ۽ انهن جي دعا ٻڌي کين بچائيندو.

20 خداوند انهن سڀني کي سنڀالي ٿو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن؛ پر سڀني بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيندو.

21 منهنجو وات خداوند جي تعريف جو ذڪر ڪندو؛ ڀلي تہ سڀيئي سدائين هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan