زبور 144 - Sindhi Bible1 خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري. 2 هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري. 3 اي خداوند انسان ڇا آهي جو تون انهي جي سار ٿو لهين؟ يا آدم زاد ڪير آهي جو تون انهي جو ليکو ٿو ڪرين؟ 4 انسان اجائي شيءِ آهي: هن جي حياتي پاڇي وانگر گذريو وڃي. 5 اي خداوند آسمانن کي جُهڪاءِ ۽ هيٺ لهي اچ: جبلن کي ڇُهہ ۽ انهن مان دونهون نڪرندو. 6 وڄ ڪيرائي انهن کي ڇڙوڇڙ ڪر؛ پنهنجا تير هڻي کين منجهائي ڇڏ. 7 مٿان پنهنجو هٿ ڊگهيري مون کي بچاءِ؛ ۽ وڏن وڏن پاڻين، يعني پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ. 8 انهن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي. 9 اي خدا آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪڙو نئون گيت ڳائيندس: ڏهہ تارو تنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس. 10 اُهو ئي آهي جو بادشاهن کي نجات ٿو ڏئي: هو پنهنجي بندي دائود کي ڏکوئيندڙ ترار کان بچائي ٿو. 11 مون کي بچاءِ، ۽ پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ، جن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي. 12 جڏهن اسان جا پٽ جوانيءَ ۾ قداور وڻن جهڙا ٿين؛ ۽ اسان جون ڌيئرون محلات جي ڪنڊن جي گهڙيل پٿرن جهڙيون ٿين؛ 13 جڏهن اسان جا ڀانڊا سڀ ڪنهن قسم جي شين سان ڀريل هجن، ۽ اسان جون رڍون اسان جن واڙن ۾ هزارين ۽ لکين ٻچا ڏين، 14 جڏهن اسان جا ڍڳا بار سان لڏيل هجن؛ ۽ نہ روڪ هجي نہ ڌڪجن، ۽ نہ ڪا گهٽين ۾ دانهن ڪوُڪ ٿئي؛ 15 تڏهن انهيءَ اُمت جي حالت مبارڪ آهي: هائو، مبارڪ آهي اُها اُمت جنهن جو خدا خداوند آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society