زبور 143 - Sindhi Bible1 اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجين منٿن تي ڪن ڏي: پنهنجي وفاداريءَ ۽ راستبازيءَ ۾ مون کي جواب ڏي. 2 پنهنجي بندي کي عدالت ۾ نہ آڻ؛ ڇو جو تنهنجيءَ نظر ۾ ڪوبہ ماڻهو سچار ڪين ٺهربو. 3 ڇالاءِ جو دشمن منهنجيءَ جان کي ڏاڍو ستايو آهي؛ هن منهنجيءَ حياتيءَ کي پٽ پڇاڙيو آهي: جيڪي گهڻيءَ مدت کان مري ويا آهن تن وانگي مون کي اونداهين جاين ۾ رهايو اٿس. 4 تنهن ڪري منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏي ويو آهي؛ ۽ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڏاڍي لهي ويئي آهي. 5 آءٌ آڳاٽن ڏينهن کي ياد ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجن سڀني حڪمن تي ڌيان ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪمن تي غور ٿو ڪريان. 6 آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ٿو ڊگهيريا: منهنجي جان سڪي زمين وانگي تنهنجي اُڃايل آهي. 7 اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون. 8 صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجهہ جي ڳالهہ ٻڌاءِ؛ ڇو تہ منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي: جنهن واٽ تي مون کي هلڻ گهرجي سا مون کي ڏيکار: ڇو جو آءٌ پنهنجيءَ جان کي تو سان ٿو لڳايان. 9 اي خداوند مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ: آءٌ پناهہ جي لاءِ تو وٽ ڊوڙي آيو آهيان. 10 مون کي پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ سيکار؛ ڇو جو تون منهنجو خدا آهين: تنهنجو نيڪ روح مون کي سچارن جي ملڪ ۾ هلائي. 11 اي خداوند پنهنجي نالي جي خاطر مون کي جيئرو ڪر: پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري منهنجي جان کي تڪليفن مان ڪڍي ٻاهر ڪر. 12 پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري منهنجن دشمنن کي تباهہ ڪر، ۽ جيڪي منهنجيءَ جان کي ڏک ٿا ڏين تن کي برباد ڪر؛ ڇو جو آءٌ تنهنجو بندو آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society