زبور 142 - Sindhi Bible1 آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي ٿو پڪاريان؛ آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي منٿون ٿو ڪريان. 2 آءٌ هن جي حضور ۾ پنهنجي فرياد ٿو ڪريان؛ ۽ سندس حضور ۾ پنهنجي ڏکن جو بيان ٿو ڪريان. 3 جڏهن منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏل هو، تڏهن بہ توکي منهنجي واٽ جي خبر هئي. جنهن واٽ ۾ آءٌ هلان ٿو تنهن ۾ انهن ڦندا لڪايا آهن. 4 منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن نهار ۽ ڏس؛ ڇو جو اهڙو ڪوئي ڪونهي جو مون کي سڃاڻي: مون لاءِ ڪا پناهہ ڪانهي؛ ڪنهن کي منهنجي جان جو فڪر ڪونهي. 5 اي خداوند مون توکي پڪاريو؛ مون چيو تہ تون منهنجي پناهہ آهين، ۽ دنيا ۾ منهنجو ورثو آهين. 6 منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ ڇو جو آءٌ ڏاڍو ذليل ٿيو آهيان: مون کي منهنجي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ؛ ڇو جو اهي مون کان وڌيڪ زور وارا آهن. 7 منهنجيءَ جان کي قيد مان ٻاهر ڪڍ، تہ آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪريان: راستباز منهنجي آسپاس گڏ ٿيندا؛ ڇو جو تون مون سان ڏاڍي ڀلائي ڪندين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society