زبور 141 - Sindhi Bible1 اي خداوند آءٌ توکي پڪاريان ٿو؛ جلد مون وٽ اچ: جڏهن آءٌ توکي منٿ ڪريان تڏهن ڪن ڏيئي ٻڌ. 2 شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي. 3 اي خداوند منهنجي وات تي نگهبان بيهار: ۽ منهنجن چپن جي دروازي کي سنڀال. 4 منهنجيءَ دل کي ڪنهن خراب ڳالهہ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بدڪارن سان گڏجي بڇڙائي ڪريان ۽ انهن جي لذيذ طعام مان ڪجهہ کاوان. 5 ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس. 6 انهن جا منصف ٽڪرين تان ڪيرايا ويا آهن؛ ۽ اُهي منهنجون ڳالهيون ٻڌندا؛ ڇو جو اهي مٺيون آهن. 7 جيئن ڪو هر ڏيئي زمين کي چيريندو آهي، تيئن اسان جون هڏيون قبر جي منهن تي پکڙيل آهن. 8 اي خداوند خدا، منهنجون اکيون تو ڏانهن آهن: تو تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ منهنجيءَ جان کي نڌڻڪو ٿيڻ نہ ڏي. 9 انهن جيڪو ڦندو مون لاءِ پکيڙيو آهي، ۽ بدڪارن جيڪا ڦاهي مون لاءِ ٺاهي آهي، تنهن کان مون کي بچاءِ. 10 ڀلي تہ بڇڙا پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ڦاسن، تہ آءٌ ڀڄي ڇُٽان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society