زبور 140 - Sindhi Bible1 اي خداوند مون کي خراب ماڻهوءَ کان ڇڏاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان بچائيم. 2 جي پنهنجي دل ۾ ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين؛ ۽ هميشہ جنگ ڪرڻ لاءِ پيا گڏ ٿين. 3 انهن پنهنجيءَ زبان کي سپ وانگي تکو ڪيو آهي؛ سندن چپن هيٺ کپر جو زهر آهي. 4 اي خداوند مون کي بڇڙي جي هٿ کان بچاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان محفوظ رک جن جو ارادو آهي تہ ڌڪا ڏيئي منهنجا پير کسڪائين. 5 مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي. 6 مون خداوند کي چيو تہ تون منهنجو خدا آهين: اي خداوند، تون منهنجي منٿ جي آواز تي ڪن ڏي. 7 اي خداوند خدا، اي منهنجيءَ نجات جي طاقت، تو جنگ جي ڏينهن منهنجو مٿو ڍڪي ڇڏيو. 8 اي خداوند بدڪار جون خواهشون پوريون نہ ڪر؛ ۽ سندس بڇڙن منصوبن کي وڌڻ نہ ڏي؛ متان اهي پاڻ کي پڏائين. 9 جيڪي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چوڌاري گهيرو ٿا ڪن، تن جي وات جي بڇڙائي شل سندن مٿان پوي. 10 شل انهن تي ٽانڊا وسن: ڀلي تہ اهي باهہ ۾ وڃي پون؛ ۽ اونهيءَ کڏ ۾ جتان وري نہ نڪرن. 11 ڪوبہ بد زبان ماڻهو زمين تي قائم ڪين رهندو: ظالم کي بڇڙائي ڦاسائي ڪيرائيندي. 12 مون کي خبر آهي تہ خداوند ڏکين جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن کي حق ڏياريندو. 13 بيشڪ راستباز تنهنجي نالي جو شڪر ڪندا: ۽ سچار تنهنجي حضور ۾ رهندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society