زبور 14 - Sindhi Bible1 احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا آهي ئي ڪونہ. اهي خراب ٿيا آهن، انهن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي. 2 خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي. 3 اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي. 4 سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين. 5 اهي گهڻي ڊپ ۾ پيا: ڇو جو خدا راستبازن جي پيڙهيءَ سان آهي. 6 اوهين غريب جي صلاح کي لڄايو ٿا، ڇو جو خداوند هنجي پناهہ آهي. 7 شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت کي بند مان موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society