زبور 139 - Sindhi Bible1 اي خداوند تو مون کي چڪاسيو آهي ۽ مون کي ڄاڻي ورتو اٿيئي. 2 منهنجي ويهڻ ۽ اُٿڻ جي توکي خبر آهي، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجهيو وٺين. 3 تون منهنجيءَ واٽ هلڻ ۽ منهنجي سمهڻ کي چڪاسين ٿو، ۽ منهنجن سڀني واٽن کان واقف آهين. 4 ڇو جو اي خداوند منهنجي وات ۾ اهڙو ڪو لفظ ڪونهي، جنهن جي توکي پوري خبر نہ هجي. 5 تو مون کي اڳيان پٺيان گهيري ڇڏيو آهي، ۽ مون تي پنهنجو هٿ رکيو اٿيئي. 6 اهڙو علم منهنجي لاءِ تمام عجيب آهي؛ اهو بلند آهي، ۽ آءٌ انهي کي پهچي نٿو سگهان. 7 آءٌ تنهنجي روح وٽان ڀڄي ڪيڏانهن وڃان؟ يا تنهنجي نظر کان بچي ڪٿي وڃي لڪان؟ 8 جي مٿي آسمان ۾ چڙهي وڃان، تہ اتي تون آهين: جي قبر ۾ پنهنجو بسترو وڇايان، تہ اتي بہ تون آهين. 9 جي آءٌ صبح جا کنڀ پائي، سمنڊ جي تمام ڏورانهين ڀاڱن ۾ وڃي رهان؛ 10 تہ اتي بہ تنهنجو هٿ منهنجي رهبري ڪندو، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مون کي سنڀاليندو. 11 جيڪڏهن آءٌ چوان تہ اوندهہ مون کي ضرور لڪائيندي، ۽ جيڪو سوجهرو منهنجي چوڌاري آهي سو رات ٿي پوندو؛ 12 تہ بہ اوندهہ توکان ڪين لڪائيندي، بلڪ رات بہ ڏينهن وانگر روشن آهي: تنهنجي اڳيان اوندهہ توڙي سوجهرو ٻئي برابر هڪ جهڙا آهن. 13 ڇو جو منهنجي دل کي تو ئي جوڙيو آهي: منهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ تو ئي مون کي بنايو. 14 آءٌ تنهنجو شڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ عجيب غريب طرح جڙيو آهيان: تنهنجا ڪم عجيب آهن؛ ۽ منهنجيءَ جان کي انهي جي خبر آهي. 15 جڏهن آءٌ پوشيدگيءَ ۾ پئي جڙيس، ۽ زمين جي اندرئين ڀاڱي ۾ عجيب طرح پئي ٺهيس، تڏهن منهنجو پتلو توکان ڳجهو ڪونہ هو. 16 جڏهن منهنجي عضون مان اڃا ڪوبہ تيار ڪونہ ٿيو هو، ۽ اهي روزبروز پئي ٺهيا، تڏهن منهنجو ڪچو مادو تنهنجن اکين اڳيان هو، ۽ منهنجا سڀ عضوا تنهنجي ڪتاب ۾ لکيل هئا. 17 اي خدا تنهنجا خيال مون لاءِ ڪهڙا نہ قيمتي آهن! انهن جو شمار ڪيڏو نہ وڏو آهي! 18 جيڪڏهن آءٌ انهن کي ڳڻيان تہ اهي شمار ۾ ريتيءَ کان بہ گهڻا آهن: جنهن مهل آءٌ جاڳان ٿو تنهن مهل آءٌ پاڻ کي تو ساڻ ٿو لهان. 19 اي خدا، تون ضرور بڇڙن کي قتل ڪندين: سو اي خوني ماڻهو مون وٽان هليا وڃو. 20 ڇو تہ اهي لچائيءَ سان تنهنجي برخلاف ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ تنهنجا دشمن تنهنجو نالو اجايو ٿا وٺن. 21 اي خداوند جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن، تن سان آءٌ عداوت نٿو رکان ڇا؟ ۽ جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن سان آءٌ ناراض نٿو ٿيان ڇا؟ 22 مون کي انهن سان پوري نفرت آهي: ۽ آءٌ انهن کي پنهنجا دشمن ڪري ٿو ليکيان. 23 اي خدا مون کي چڪاس ۽ منهنجي دل کي ڄاڻ: مون کي آزماءِ ۽ منهنجا خيال پروڙ: 24 ۽ ڏس تہ مون ۾ ڪا خراب چال تہ ڪانهي، ۽ مون کي ابدي راهہ ۾ وٺي هل. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society