Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 138 - Sindhi Bible

1 آءٌ پوري دل سان تنهنجو شڪر ڪندس؛ آءٌ معبودن جي روبرو تنهنجي تعريف ڳائيندس.

2 آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري توکي سجدو ڪندس، آءٌ تنهنجيءَ ٻاجهہ ۽ سچائيءَ جي ڪري تنهنجي نالي جو شڪر ڪندس: ڇو جو تو پنهنجي ڪلام کي پنهنجي هر ڪنهن نالي کان مٿي ڪيو آهي.

3 جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.

4 اي خداوند، زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجو شڪر ڪندا، ڇو جو انهن تنهنجي وات جو ڪلام ٻڌو آهي.

5 هائو، اهي خداوند جي واٽن جو گيت ڳائيندا؛ ڇو جو خداوند جو جلال عظيم آهي.

6 ڇو تہ جيتوڻيڪ خداوند بلند آهي، تڏهن بہ نماڻن تي نظر ٿو ڪري: پر مغرورن کي پري کان ئي سڃاڻيو وٺي.

7 جيتوڻيڪ آءٌ تڪليفن مان لنگهندس، تڏهن بہ تون مون کي بحال ڪندين؛ تون منهنجي دشمن جي ڪاوڙ جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريندين، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مون کي بچائيندو.

8 خداوند منهنجي واسطي سڀ ڪجهہ پورو ڪندو: اي خداوند، تنهنجو رحم هميشہ قائم آهي: پنهنجي هٿن جي ڪمن کي ڇڏي نہ ڏي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan