زبور 137 - Sindhi Bible1 اسان بابل جي ندين جي ڪپ تي ويهي، صيون کي ياد ڪري رُنو. 2 اتي بيد جي وڻ تي اسان پنهنجا بربط ٽنگي ڇڏيا. 3 ڇالاءِ جو اتي اسان جي قيد ڪرڻ وارن اسان کي راڳ ڳائڻ جو حڪم ڏنو، ۽ جن اسان کي تباهہ ڪيو هو تن جي مرضي هئي تہ اسين خوشيون ڪريون، ۽ چيائون تہ اسان کي صيون جو ڪو راڳ ڳائي ٻڌايو. 4 اسين ڪيئن پرديس ۾ خداوند جو راڳ ڳايون؟ 5 اي يروشلم جيڪڏهن آءٌ توکي وساريان، تہ شل منهنجو ساڄو هٿ پنهنجو هنر ڀلجي وڃي. 6 جيڪڏهن آءٌ توکي ياد نہ ڪريان، ۽ يروشلم کي پنهنجي وڏيءَ خوشيءَ کان بہ وڌيڪ نہ سمجهان، تہ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان وڃي لڳي. 7 اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو. 8 اي بابل جي ڌيءَ جا برباد ٿيڻ واري آهين؛ مبارڪ اُهو ٿيندو جو جهڙي هلت تو اسان سان ڪئي آهي تهڙي توسان ڪندو. 9 مبارڪ اُهو ٿيندو جو تنهنجي ٻارن کي وٺي پٿرن تي هڻندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society