زبور 135 - Sindhi Bible1 خداوند جي تعريف ڪريو، اوهين خداوند جي نالي جي تعريف ڪريو؛ اي خداوند جا بندا اوهين خداوند جي تعريف ڪريو: 2 اوهين جي خداوند جي گهر ۾ ٿا بيهو، بلڪ اسان جي خدا جي گهر جي اڱڻ ۾ ٿا بيهو، 3 خداوند جي تعريف ڪريو؛ ڇو جو خداوند ڀلو آهي: هن نالي جي تعريف ڳايو؛ ڇو جو اها وڻندڙ آهي. 4 ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي پنهنجي واسطي، ۽ اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي. 5 ڇو جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند عظيم آهي؛ اسان جو خدا سڀني معبودن جي مٿان عظيم آهي. 6 جيڪي خداوند کي وڻيو سو سڀ هن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ اونهائين ۾ ڪيو آهي. 7 هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي. 8 هن مصر جا پهريان ڄاول ٻار ماري وڌا، انسان جا توڙي حيوان جا. 9 اي مصر، هن تو منجهہ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، نشان ۽ عجيب ڪم پڌرا ڪيا. 10 هن گهڻين قومن کي ماريو، ۽ زبردست بادشاهن کي قتل ڪيائين؛ 11 امورين جي بادشاهہ صيون کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهتن کي. 12 ۽ انهن جو ملڪ هن پنهنجي قوم اسرائيل کي ميراث ڪري ورثي ۾ ڏنو. 13 اي خداوند تنهنجو نالو هميشہ تائين قائم آهي؛ ۽ تنهنجي يادگيري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي. 14 ڇو جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن بندن تي قياس ڪندو. 15 ڌارين قومن جا بت چاندي ۽ سون آهن، اهي ماڻهن جي هٿ جا جوڙيل آهن، 16 انهن کي وات آهي پر ڳالهائين نٿا؛ اکيون اٿن پر ڏسن نٿا؛ 17 انهن کي ڪن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ۽ نڪي وات سان ساهہ ٿا کڻن. 18 جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا. 19 اي اسرائيل جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: اي هارون جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: 20 اي لاويءَ جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا سي خداوند کي مبارڪ چئو. 21 خداوند جو يروشلم ۾ ٿو رهي، سو شل صيون ۾ مبارڪ هجي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society