Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 133 - Sindhi Bible

1 ڏسو اها ڪهڙي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، تہ ڀائر پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن!

2 اهو انهي قيمتي تيل جهڙو آهي جو هارون جي مٿي تي وڌو ويو، ۽ سندس کاڏيءَ جي وارن تان يعني هارون جي ڏاڙهيءَ تان وهي سندس ڪپڙن جي دامن تائين اچي پهتو؛

3 ۽ حرمون جي ماڪ وانگي آهي جا صيون جي جبلن تي ٿي پوي: ڇو جو اتي خداوند برڪت جو يعني هميشہ جي زندگيءَ جو حڪم ڏنو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan