زبور 130 - Sindhi Bible1 اي خداوند مون توکي اونهائين منجهان پڪاريو آهي. 2 اي خداوند، منهنجو آواز ٻڌ: منهنجيءَ منٿ جي آواز ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي. 3 اي خداوند جيڪڏهن تون خطائن جو حساب ڪندين، تہ اي خداوند ڪير بيهي سگهندو؟ 4 پر تو وٽ معافي آهي، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو توکان ڊڄن. 5 آءٌ خداوند جي انتظار ۾ آهيان، منهنجي جان مشتاق آهي ۽ سندس ڪلام ۾ منهنجي اميد آهي. 6 جيئن چوڪيدار صبح لاءِ اکيون پائي ويٺا ٿا رهن، هائو، جيئن چوڪيدار پرهہ ڦٽيءَ جي انتظار ۾ ٿا رهن، تيئن منهنجي جان انهي کان بہ وڌيڪ خداوند جي لاءِ منتظر آهي. 7 اي اسرائيل خداوند ۾ اميد رک؛ ڇو جو خداوند وٽ رحم آهي، ۽ وٽس ججهو ڇوٽڪارو آهي. 8 هو اسرائيل کي سندس سڀني ڏوهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society