Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 13 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، تون ڪيستائين مونکي وساريندين، هميشہ لاءِ وساري ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تون پنهنجو منهن مون کان لڪائي ڇڏيندين؟

2 ڪيستائين آءٌ سڄو ڏينهن پنهنجي دل ۾ غمگين ٿي، پنهنجي جيءَ ۾ خيال ڪندو رهندس؟ ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سربلند رهندو؟

3 اي خداوند منهنجا خدا، مون ڏانهن نظر ڪري منهنجي ٻڌ: منهنجين اکين کي روشن ڪر، متان موت جي ننڊ اچي وڃيم.

4 ائين نہ ٿئي جو منهنجو دشمن چوي تہ آءٌ هن تي غالب پيو آهيان: ۽ منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ ڪري خوش ٿين.

5 پر مون تنهنجي رحم تي ڀروسو رکيو آهي: منهنجي دل تنهنجيءَ نجات ۾ سرهي ٿيندي:

6 آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن مون سان گهڻي ڀلائي ڪئي آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan