Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 129 - Sindhi Bible

1 هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن؛

2 هائو، انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن: تڏهن بہ اهي مون تي غالب نہ پيا.

3 هارين منهنجي پٺيءَ تي هر کيڙيو؛ ۽ ڊگهيون اوڙون ڪيائون.

4 خداوند سچو آهي: هن بڇڙن جون نوڙيون وڍي ڇڏيون.

5 جيڪي صيون سان عداوت ٿا رکن، سي سڀيئي شل ڦڪا ٿي پٺ تي هٽجن.

6 شل اهي انهيءَ گاهہ وانگي ٿين جو کڏ تي اُڀري ٿو، ۽ وڌڻ کان اڳي سڪيو وڃي:

7 جنهن سان نڪي لاهياري جي مٺ ڀربي، نڪي گڏا ٻڌڻ واري جو پلوُ ڀربو.

8 نڪي واٽهڙو ٿا چون، تہ خداوند جي برڪت اوهان تي هجي؛ يا اسين خداوند جي نالي اوهان کي برڪت ٿا ڏيون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan