زبور 127 - Sindhi Bible1 جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي. 2 اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي. 3 ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي. 4 جوانيءَ جا ٻار اهڙا آهن، جهڙا زوراور جي هٿ ۾ تير. 5 مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بٿي انهن سان ڀريل آهي: اهڙا ماڻهو جڏهن شهر جي دروازي تي پنهنجن دشمنن سان ڳالهائيندا، تڏهن شرمندا ڪين ٿيندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society