زبور 126 - Sindhi Bible1 جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن. 2 تنهن مهل اسان جو وات کل خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ۽ اسان جي زبان گيت ڳائڻ لڳي: تڏهن اهي ڌارين قومن ۾ چوڻ لڳا تہ خداوند هن لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن. 3 خداوند اسان لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن؛ جنهن ڪري اسين خوش آهيون. 4 جهڙيءَ طرح ڏکڻ واريون نديون پاڻيءَ سان ڀرجي ٿيون اچن، تهڙيءَ طرح اي خداوند اسان جي قيدين کي موٽائي وٺي اچ. 5 جيڪي ڳوڙها ڳاڙيندي پوکين ٿا سي خوشي ڪندي لڻندا. 6 جيڪو روئندي روئندي ٻج کڻي پوکڻ ٿو وڃي؛ سو خوشيءَ سان گڏا کڻي موٽي ايندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society