زبور 122 - Sindhi Bible1 جڏهن هنن مون کي چيو تہ هلو تہ خداوند جي گهر هلون، تڏهن آءٌ خوش ٿيس. 2 اي يروشلم، اسان جا پير تنهنجن دروازن جي اندر اچي پهتا آهن؛ 3 يروشلم اهڙو اڏيل آهي جهڙو ڪو ڳتيل شهر ٿيندو آهي: 4 اتي قبيلا، بلڪ خداوند جا قبيلا، چڙهي ٿا وڃن، تہ اسرائيل جي شاهديءَ لاءِ خداوند جي نالي جي شڪر گذاري ڪن. 5 ڇو تہ اتي عدالت جا تخت، يعني دائود جي گهراڻي جا تخت رکيل آهن. 6 يروشلم جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرو، جيڪي توکي پيار ٿا ڪن سي سرفراز ٿيندا. 7 تنهنجن ڀتين جي اندر سلامتي هجي، ۽ تنهنجن محلاتن ۾ آسودگي هجي. 8 آءٌ پنهنجن ڀائرن ۽ سنگتين جي سبب هاڻي چوندس، تہ تو منجهہ سلامتي هجي. 9 خداوند اسان جي خدا جي گهر جي سببان آءٌ تنهنجو خير گهرندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society