Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 121 - Sindhi Bible

1 آءٌ پنهنجون اکيون جبلن ڏانهن کڻي نهاريندس: منهنجي مدد ڪٿان ايندي؟

2 خداوند وٽان مون کي مدد ملندي، جنهن آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.

3 هو تنهنجي پير کي ترڪڻ نہ ڏيندو: جيڪو توکي سنڀالي ٿو سو جهوٽو بہ ڪين کائيندو.

4 ڏسو، اسرائيل جو سنڀاليندڙ نڪي جهوٽو کائيندو نڪي ننڊ ڪندو.

5 خداوند تنهنجو سنڀاليندڙ آهي: خداوند تنهنجي ساڄي پاسي تنهنجي ڇانوَ آهي.

6 ڏينهن جو سج توکي ايذاءُ ڪين رسائيندو، نڪي رات جو چنڊ.

7 خداوند توکي سڀ ڪنهن برائيءَ کان سنڀاليندو؛ هو تنهنجي جان جي سنڀال ڪندو.

8 خداوند توکي ايندي ۽ ويندي، هن مهل کان وٺي هميشہ تائين تنهنجي سنڀال ڪندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan