زبور 120 - Sindhi Bible1 مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو. 2 اي خداوند تون مون کي ڪوڙي وات ۽ ٺڳيندڙ زبان کان ڇڏاءِ. 3 اي دغاباز زبان توکي ڇا ملندو، ۽ توکي ٻيو ڇا ڪيو ويندو؟ 4 اها زبردست ماڻهوءَ جن تکن تيرن جهڙي، ۽ آهو ٻير جي ٽانڊن جهڙي آهي. 5 مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان. 6 جيڪي صلح سان دشمني ٿا رکن تن سان رهندي مون کي گهڻي مدت ٿي ويئي آهي. 7 آءٌ تہ صلح جو ڪوڏيو آهيان: پر جڏهن آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ اهي وڙهڻ ٿا اچن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society