زبور 12 - Sindhi Bible1 اي خداوند، مدد ڪر، ڇو جو ڪوبہ ديندار ماڻهو ڪونہ رهيو آهي؛ بني آدم منجهان ايماندار ماڻهو گهٽجي ويا آهن. 2 انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين. 3 جيڪي چاپلوس آهن، ۽ جن جي واتان ٻٽاڪ ٿي نڪري؛ تن سڀني کي خداوند تباهہ ڪري ڇڏيندو. 4 انهن چيو آهي تہ اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين؛ اسان جا چپ اسان جا ئي آهن: ڪير اسان جو مالڪ آهي؟ 5 خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس. 6 خداوند جو ڪلام خالص آهي، انهيءَ چاندي وانگر جا کوري ۾ آزمايل هجي، ۽ ست ڀيرا صفا ڪيل هجي. 7 اي خداوند، تون ئي انهن کي سنڀاليندين، تون ئي انهن کي هن زماني جي ماڻهن کان هميشہ جي لاءِ بچائيندين. 8 جڏهن بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر ٿو ٿئي، تڏهن بڇڙا ماڻهو هر طرف ٿا گهمن ڦرن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society