زبور 118 - Sindhi Bible1 خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي. 2 ڀلي تہ اسرائيل هاڻي چوي، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 3 ڀلي تہ هارون جو گهراڻو هاڻي چوي، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 4 جن کي خداوند جو ڊپ آهي سي ڀلي تہ چون، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 5 مون پنهنجي مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو: خداوند منهنجي اونائي ۽ مون کي ڪشاديءَ جاءِ ۾ ويهاريائين. 6 خداوند منهنجي پاسي آهي ۽ آءٌ ڪين ڊڄندس: انسان مون کي ڇا ڪندو؟ 7 خداوند منهنجي پاسي منهنجي مددگارن ۾ آهي: تنهن ڪري آءٌ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب پنهنجي دشمنن جو برو حال ڏسندس. 8 خداوند تي ڀروسو رکڻ انسان تي آس رکڻ کان چڱو آهي. 9 خداوند تي ڀروسو رکڻ سردارن تي آس رکڻ کان چڱو آهي. 10 سڀ ڌاريون قومون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن: پر آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. 11 اهي مون کي ويڙهي ويون آهن؛ هائو اهي مون کي ويڙهي ويون آهن: پر آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. 12 اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگي ويڙهي ويون؛ پر ڪنڊن جي باهہ وانگيان وسامي ويون: آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. 13 تو مون کي زور سان ڌڪو ڏنو تہ آءٌ ڪري پوان: پر خداوند منهنجي مدد ڪئي. 14 خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجو گيت آهي؛ ۽ اهو ئي منهنجي نجات ٿيو آهي. 15 راستبازن جي تنبن ۾ نجات ۽ خوشيءَ جو آواز آهي: خداوند جو ساڄو هٿ قدرت جا ڪم ٿو ڪري. 16 خداوند جو ساڄو هٿ بلند آهي، خداوند جو ساڄو هٿ قدرت جا ڪم ٿو ڪري. 17 آءٌ مرندس ڪين پر جيئرو رهندس، ۽ خداوند جي ڪمن جو بيان ڪندس. 18 خداوند مون کي گهڻي سيکت ڏني آهي: پر مون کي موت جي حوالي نہ ڪيو اٿس. 19 راستبازيءَ جا دروازا مون لاءِ کولي ڇڏيو: آءٌ انهن ۾ داخل ٿي خداوند جي شڪر گذاري ڪندس. 20 خداوند جو دروازو اهو آهي؛ راستباز انهيءَ ۾ داخل ٿيندا 21 آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ڇو جو تو منهنجي اونائي، ۽ پاڻ منهنجي نجات ٿيو آهين. 22 جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو سو ئي ڪنڊ جو پٿر يعني مکيہ ڪيو ويو. 23 هي خداوند جي طرفان ٿيو؛ ۽ اسان جي نظر ۾ عجيب آهي. 24 هي اهو ڏينهن آهي جو خداوند مقرر ڪيو آهي؛ اسين منجهس خوشي ڪنداسين ۽ سرها ٿينداسين. 25 اي خداوند اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي بچاءِ: اي خداوند اسين توکي عرض ٿا ڪريون تون اسان کي خوشحال رک. 26 مبارڪ آهي اهو جو، خداوند جي نالي اچي ٿو: اسان خداوند جي هيڪل مان اوهان کي برڪت ڏني آهي. 27 خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان. 28 تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس: تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس. 29 خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ سندس رحم هميشہ تائين آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society