Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 116 - Sindhi Bible

1 آءٌ خداوند کي پيار ٿو ڪريان. ڇو جو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجا عرض ٻڌا آهن.

2 ڇالاءِ جو هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين کيس پڪاريندو رهندس.

3 موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس.

4 تڏهن مون خداوند جي نالي کي پڪاريو؛ تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏاءِ.

5 خداوند رحيم ۽ سچار آهي؛ هائو اسان جو خدا رحم ڪرڻ وارو آهي.

6 خداوند ڀورڙن جي حفاظت ٿو ڪري؛ آءٌ دٻجي ويو هوس پر هن مون کي بچائي ورتو.

7 اي منهنجي جان تون پنهنجي آرامگاهہ ۾ موٽي اچ؛ ڇو جو خداوند تو سان ڏاڍي ڀلائي ڪئي آهي.

8 تو منهنجي جان کي موت کان، ۽ منهنجين اکين کي لڙڪن کان، ۽ منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان ڇڏايو آهي.

9 آءٌ جيئرن جي ملڪ ۾ خداوند جي حضور ۾ هلندو رهندس.

10 مون کي يقين آهي، تنهن ڪري آءٌ ڳالهائيندس: آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ هوس:

11 مون تڪڙ ڪري چيو، تہ سڀيئي ماڻهو ڪوڙا آهن.

12 خداوند مون کي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن تن جي عيوض آءٌ هن کي ڇا ڏيان؟

13 آءٌ نجات جو پيالو کڻي ۽ خداوند جو نالو وٺي دعا گهرندس.

14 آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.

15 خداوند جي نظر ۾ سندس مقدسن جو موت تمام قيمتي آهي.

16 اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن.

17 آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ڪندس، ۽ خداوند جو نالو وٺي دعا گهرندس.

18 آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو، خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.

19 خداوند جي گهر جي درگاهہ ۾، ۽ اي يروشلم تو منجهہ اهي پوريون ڪندس. خداوند جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan