زبور 115 - Sindhi Bible1 اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر. 2 ڌاريون قومون ڇو چون تہ هاڻي هنن جو خدا ڪٿي آهي؟ 3 اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين. 4 انهن جا بت چانديءَ ۽ سون جا آهن، ۽ ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري آهن. 5 انهن کي وات آهي پر ڳالهائين نٿا، اکيون اٿن پر ڏسن نٿا؛ 6 ڪن اٿن پر ٻڌن نٿا؛ نڪ اٿن پر سنگهن نٿا؛ 7 هٿ اٿن پر جهلين نٿا؛ نڪي پنهنجيءَ نڙيءَ مان آواز ٿا ڪڍن. 8 جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي انهن تي ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا. 9 اي اسرائيل تون خداوند تي ڀروسو رک: اهو ئي انهن جو مددگار ۽ انهن جي ڍال آهي. 10 اي هارون جا گهراڻا اوهين خداوند تي ڀروسو رکو: اهو ئي انهن جو مددگار ۽ انهن جي ڍال آهي. 11 اوهين جيڪي خداوند کان ڊڄو ٿا، سي خداوند تي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جي ڍال آهي. 12 خداوند اسان جي سار لڌي آهي، ۽ هو اسان کي برڪت ڏيندو: هو اسرائيل جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو: هو هارون جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو. 13 جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ننڍا توڙي وڏا، تن کي هو برڪت ڏيندو. 14 شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي. 15 شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي، جو آسمان ۽ زمين جو خالق آهي. 16 آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي. 17 مُردا خداوند جي تعريف نٿا ڪن، نڪي اهي جي هيٺ ماٺ جي عالم ۾ ٿا وڃن. 18 پر اسين هن وقت کان وٺي هميشہ تائين خداوند کي مبارڪ چونداسين. خداوند جي تعريف ڪريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society