Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 114 - Sindhi Bible

1 جڏهن اسرائيل مصر مان، ۽ يعقوب جو گهراڻو ڌاريءَ ٻوليءَ ڳالهائيندڙ ماڻهن مان نڪري آيو:

2 تڏهن يهوداهہ سندس پاڪ مڪان ٿيو، ۽ اسرائيل هن جي بادشاهت بڻيو.

3 سمنڊ اهو ڏسي ڀڄي ويو؛ ۽ يردن ندي بہ پٺ تي هٽجي ويئي.

4 جبل گهٽن وانگر ٽپڻ لڳا، ۽ ٽڪريون ننڍين رڍن وانگر ٽپڻ لڳيون.

5 اي سمنڊ توکي ڇا ٿيو جو تون ڀڄي وئين؟ ۽ اي يردن ندي توکي ڇا ٿيو جو تون پٺ تي ٿي هٽينءَ؟

6 اي جبل اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين گهٽن وانگي ٽپيا؛ ۽ اي ٽڪريون اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين ننڍين رڍن وانگر ٽپا ڏيڻ لڳيون؟

7 اي زمين تون خداوند جي حضور، ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ڏڪي وڃ.

8 هن ٽڪريءَ کي ڦيرائي پاڻيءَ جو تلاءُ ڪيو، ۽ چقمق مان پاڻيءَ جو چشمو پيدا ڪيائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan