زبور 111 - Sindhi Bible1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آءٌ سچارن جي مجلس ۾ ۽ جماعت جي وچ ۾ پنهنجي ساريءَ دل سان خداوند جي شڪر گذاري ڪندس. 2 خداوند جا ڪم عظيم آهن، ۽ جن کي اُهي پسند آهن سي انهن جي ڳولا ۾ ٿا رهن: 3 هن جا ڪم شان ۽ شوڪت وارا آهن ۽ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم آهي. 4 هن پنهنجي عجيب ڪمن جي يادگيري قائم ڪئي آهي: خداوند رحيم ۽ ٻاجهارو آهي. 5 جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي هو کاڌو ٿو ڏئي: هو پنهنجي عهد کي هميشہ ياد رکندو. 6 هن پنهنجيءَ اُمت کي ڌارين قومن جي ميراث ڏيئي، پنهنجي ڪمن جي قدرت ڏيکاري آهي. 7 هن جي هٿن جا ڪم سچائي ۽ انصاف وارا آهن؛ ۽ سندس سڀ حڪم سچا آهن. 8 اهي هميشہ تائين قائم ٿا رهن، اهي سچائيءَ ۽ حق تي ٻڌل آهن. 9 هن پنهنجي اُمت جي لاءِ ڇوٽڪارو موڪليو؛ ۽ پنهنجو عهد هميشہ جي لاءِ مقرر ڪيو اٿس: هن جو نالو پاڪ ۽ ادب جي لائق آهي. 10 خداوند جي ڊپ دانائيءَ جي شروعات آهي؛ جيڪي هن جي حڪمن کي مڃين ٿا سي سمجهو آهن: سندس تعريف هميشہ تائين ٿيندي رهندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society