زبور 110 - Sindhi Bible1 خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ. 2 خداوند صيون مان تنهنجي زور جي لٺ موڪليندو: سو تون پنهنجي دشمنن تي حڪومت هلاءِ. 3 تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن. 4 خداوند قسم کنيو آهي، هو ڦرندو ڪين، تہ تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين. 5 خداوند تنهنجي ساڄي هٿ وٽ، پنهنجي غضب جي ڏينهن بادشاهن کي ماريندو. 6 هو قومن جي عدالت ڪندو، ۽ ميدان کي لاشن سان ڀري ڇڏيندو؛ هو گهڻن ملڪن جي رئيسن جا مٿا ڀڃي وجهندو. 7 هو واٽ ۾ نهر مان پاڻي پيئندو: تنهن ڪري هو پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society