Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 11 - Sindhi Bible

1 منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟

2 ڇالاءِ جو ڏس، بڇڙا پنهنجي ڪمان ڪشي تير زهہ تي چاڙهين ٿا، تہ سچيءَ دل وارن کي اوندهہ ۾ هڻن.

3 جيڪڏهن بنياد ڊهي پوندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪندو؟

4 خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.

5 خداوند راستباز کي آزمائي ٿو؛ پر بدڪار ۽ ظلم کي پسند ڪندڙ کان هن کي نفرت آهي.

6 بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو.

7 ڇالاءِ جو خداوند راست آهي؛ ۽ راستيءَ کي چاهي ٿو: سچار سندس منهن ڏسندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan