Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 109 - Sindhi Bible

1 اي منهنجي تعريف جا خدا، تون ماٺ نہ ڪر.

2 ڇالاءِ جو بڇڙن ۽ دغابازن منهنجي برخلاف وات پٽيو آهي: انهن مون سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.

3 اهي عداوت جي ڳالهين سان مون کي ويڙهي ويا آهن، ۽ بي سبب مون سان وڙهيا آهن.

4 اُهي منهنجي پيار جي عيوض مون سان دشمني ٿا ڪن، پر آءٌ دعا ۾ مشغول ٿو رهان.

5 انهن ڀلائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي، ۽ پيار جي عيوض نفرت ڪئي اٿن.

6 تون ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي انهي جي مٿان مقرر ڪر: ۽ ڀلي تہ ڪو دشمن سندس ساڄي هٿ بيٺو رهي.

7 جڏهن انهي جي عدالت ٿئي تڏهن ڏوهاري ٺهرايو وڃي؛ ۽ سندس دعا گناهہ ليکجڻ ۾ اچي.

8 شل انهي جي عمر گهٽ ٿئي؛ ۽ سندس عهدو ڪو ٻيو کسي وٺي.

9 ڀلي تہ انهي جا ٻار يتيم ٿين، ۽ سندس زال بيوهہ ٿئي.

10 شل انهي جا ٻچا رُلندا پنندا وتن، ۽ پنهنجي اُجاڙ هنڌ کان پري وڃي مانيءَ ٽڪر لاءِ ڌڪا کائين.

11 شل انهي جو قرض خواہ سندس سمورو مال ڦري وٺي؛ ۽ ڌاريا ماڻهو سندس ڪمائي لٽين.

12 شل انهي تي ڪو بہ رحم نہ ڪري؛ نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪهل اچي.

13 شل انهيءَ جو نسل تباهہ ٿي وڃي؛ ۽ سندس نالو ٻيءَ پيڙهيءَ ۾ ميٽجي وڃي.

14 شل انهي جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري خداوند کي ياد هجي، ۽ سندس ماءُ جو گناهہ ميسارجي نہ وڃي.

15 شل اهي سدائين خداوند جي نظر ۾ هجن، تہ هو زمين تان سندن نالو ئي مٽائي ڇڏي.

16 انهي لاءِ جو هن رحم ڪرڻ جي يادگيري نہ رکي، پر غريبن ۽ محتاجن ۽ دل شڪستن کي ستايائين، تہ کين قتل ڪري.

17 هائو، هو ٻئي کي لعنت ڪرڻ ۾ خوش هو، سو مٿس لعنت آئي؛ ۽ ٻئي کي برڪت ڏيڻ ۾ خوش ڪونہ هو، سو کيس برڪت ڪانہ ملي.

18 هن لعنت کي پوشاڪ وانگي پاتو، ۽ اها لعنت هن جي اندر ۾ پاڻيءَ وانگر، ۽ سندس هڏن ۾ تيل وانگيان پئجي ويئي.

19 ڀلي تہ اها مٿس پوشاڪ وانگي پيئي هجي، ۽ سندس چيلهہ ۾ سدائين سندري وانگيان ٻڌي پيئي هجي.

20 جيڪي منهنجا دشمن آهن، ۽ منهنجيءَ جان جي برخلاف پيا ڳالهائين، تن کي خداوند وٽان اهو بدلو ٿو ملي.

21 پر اي خداوند خدا، تون پنهنجي نالي جي ڪري مون تي ٻاجهہ ڪر: مون کي ڇڏاءِ ڇو جو تنهنجو رحم چڱو آهي.

22 ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان، منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦٽيل آهي.

23 آءٌ لهندڙ پاڇي وانگي گهٽبو وڃان: آءٌ مڪڙ وانگيان هيٺ مٿي پيو ڌڪا کانوان.

24 روزن ڪري منهنجا گوڏا هيڻا ٿي پيا آهن؛ ۽ منهنجو وات سڻڀ نہ هئڻ ڪري سڪي ويو آهي.

25 آءٌ هنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿيو آهيان: اهي مون کي ڏسي ڪنڌ ٿا لوڏين.

26 اي خداوند منهنجا خدا منهنجي مدد ڪر؛ ۽ پنهنجي رحم موجب مون کي بچاءِ:

27 تہ انهن کي خبر پوي تہ اهو تنهنجو هٿ آهي؛ ۽ تو اي خداوند ائين ڪيو آهي.

28 اهي ڀلي تہ لعنت ڪن، پر تون برڪت ڏي؛ جڏهن اهي اُٿندا تڏهن شرمندا ٿيندا، پر تنهنجو بندو خوش ٿيندو.

29 شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.

30 آءٌ پنهنجي وات سان خداوند جي گهڻي شڪر گذاري ڪندس؛ ۽ وڏيءَ جماعت جي اڳيان سندس تعريف ڪندس.

31 ڇو جو هو مسڪين جي ساڄي هٿ وٽ بيهندو، تہ جيڪي سندس جان تي فتويٰ ٿا ڏين تن کان کيس بچائي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan