زبور 107 - Sindhi Bible1 خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي. 2 جن کي خداوند ڇوٽڪارو ڏنو آهي سي بہ ائين چون، ڇو جو انهن کي دشمن جي هٿان ڇڏايو اٿس؛ 3 ۽ انهن کي ملڪ ملڪ مان، يعني اُڀرندي مان، ۽ اُلهندي مان، ۽ اُتر مان، ۽ ڏکڻ مان آڻي گڏ ڪيو اٿس. 4 اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين. 5 اهي بکايل ۽ اُڃايل هئا، انهن جي جان ماندي ٿي ويئي. 6 تڏهن انهن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن کين سندن تڪليفن کان ڇڏايو. 7 هن انهن کي سنئين واٽ ۾ هلايو، تہ اهي رهڻ لاءِ ڪنهن شهر ۾ وڃن. 8 شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس تن جي خاطر سندس تعريف ڪن. 9 ڇو جو هو منتظر جان کي ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ بکي جان کي چڱين شين سان ڀريو ڇڏي. 10 اهي جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا هئا، ۽ مصيبت ۽ لوهہ جي ٻيڙين ۾ ٻڌل هئا؛ 11 ڇو جو انهن خدا جي ڪلام جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ خدا تعاليٰ جي صلاح جي حقارت ڪيائون: 12 تنهن ڪري هن سندن دليون پورهئي سان عاجز ڪيون؛ ۽ اهي ڪري پيا ۽ ڪوبہ مددگار ڪونہ هون. 13 تڏهن انهن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن کين سندن تڪليفن کان ڇڏايو. 14 هن کين اونداهيءَ مان ۽ موت جي پاڇي مان ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ سندن بند ڀڃي ڇڏيائين. 15 شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن. 16 ڇو جو هن پتل جا دروازا ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ لوهہ جون تارون ڪپي ڇڏيون اٿس. 17 بيوقوف ماڻهو پنهنجين خطائن ۽ بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا آهن. 18 انهن جي جان کي ڪنهن بہ قسم جو کاڌو نٿو وڻي؛ اهي موت جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتا آهن. 19 تڏهن اهي پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي ٿا پڪارين، ۽ هو کين سندن تڪليفن کان ڇڏائي ٿو. 20 هو پنهنجو ڪلام موڪلي انهن کي شفا ٿو بخشي، ۽ کين سندن برباديءَ کان ڇڏائي ٿو. 21 شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن. 22 ڀلي تہ اهي شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهين، ۽ گيت ڳائي سندس ڪمن جو بيان ڪن. 23 جيڪي جهازن ۾ چڙهي سمنڊ تي ٿا وڃن، ۽ وڏن سمنڊن تي پنهنجو واپار ٿا ڪن؛ 24 سي خداوند جا ڪم، ۽ اونهي سمنڊ ۾ سندس عجيب ڪم ٿا ڏسن. 25 ڇو جو هو حڪم ٿو ڏئي تہ طوفان ٿو لڳي، جنهن ڪري لهرون ٿيون چڙهن. 26 اُهي آسمان تائين چڙهيو وڃن، ۽ وري وڃيو ترو وٺن: تڪليفن جي ڪري انهن جو ساهہ سڪيو وڃي. 27 اهي نشئيءَ وانگي پيا آٿڙن ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيا لڏن، ۽ سندن هوش گم ٿيو وڃي. 28 تڏهن اهي پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي ٿا پڪارين، ۽ هو کين سندن تڪليفن کان ڇڏائي ٿو. 29 هو طوفان کي ماٺو ٿو ڪري، جنهن ڪري لهرون بس ٿيون ڪن. 30 سو انهن جي بس ٿيڻ ڪري اهي خوش ٿا ٿين؛ ۽ هو کين سندن بندرگاهہ تي پهچائي ٿو. 31 شل خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي ڪم ڪيا اٿس، تنهن جي خاطر هو سندس تعريف ڪن. 32 ڀلي تہ اهي اُمت جي جماعت ۾ هن جي تعظيم ڪن، ۽ بزرگن جي مجلس ۾ سندس تعريف ڪن. 33 هو درياهن کي ڦيرائي بيابان ٿو ڪري، ۽ پاڻيءَ جي چشمن کي سڪي زمين ڪريو ڇڏي؛ 34 هو ماڻهن جي بڇڙائيءَ ڪري، آباد زمين کي ڪلر بنايو ڇڏي. 35 هو بيابان کي ڦيرائي تلاءُ ٿو ڪري، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جا چشما ڪريو ڇڏي. 36 اتي هو بکايلن کي رهائي ٿو، تہ پنهنجي رهڻ لاءِ شهر اڏين. 37 ۽ ٻنيون پوکين، ۽ ڊاک جا منهہ لڳائين تہ ججهو ڦل ملين. 38 ۽ هو انهن کي برڪت ٿو ڏئي، تہ اهي گهڻو وڌندا وڃن؛ ۽ سندن ڍورن کي گهٽجڻ نٿو ڏئي. 39 وري اهي ظلم، ۽ غم، ۽ تڪليف، جي ڪري گهٽجيو وڃن، ۽ ڪري ٿا پون. 40 هو سردارن تي بي عزتي ٿو موڪلي ۽ کين رڻ پٽ ۾ ٿو رلائي، جتي ڪابہ واهہ ڪانهي. 41 تہ بہ هو محتاج کي ڏکن کان ڇڏائي سرفراز ٿو ڪري، ۽ سندن خاندان کي ڌڻ وانگر ٿو وڌائي. 42 سچار اهو ڏسي خوش ٿيندا، ۽ سڀني بدڪارن جو وات بند ٿي ويندو. 43 جيڪو عقلمند آهي سو هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندو، ۽ اهڙا ماڻهو خداوند جي رحمتن تي غور ڪندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society