Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 106 - Sindhi Bible

1 خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جا ٿورا مڃيو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.

2 ڪير خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگهندو، يا هن جي پوري تعريف ڪري سگهندو؟

3 مبارڪ آهن اهي جي انصاف ٿا ڪن ۽ سدائين سچائيءَ تي ٿا هلن.

4 اي خداوند تنهنجي مهرباني جيڪا تنهنجيءَ اُمت تي آهي تنهن جي ڪري مون کي بہ ياد ڪر؛ پنهنجي نجات مون کي عطا ڪر.

5 تہ آءٌ تنهنجي چونڊيلن جي اقبالمندي ڏسان، ۽ آءٌ تنهنجيءَ قوم جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيان، ۽ تنهنجي ميراث سان گڏ فخر ڪريان.

6 اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا آهن، اسان خطا ڪئي آهي، ۽ بڇڙائي ڪئي اٿئون.

7 اسان جي ابن ڏاڏن مصر جي ملڪ ۾ تنهنجي عجيب ڪمن کي ڪين سمجهيو؛ انهن تنهنجي بيحد رحمتن کي ياد نہ ڪيو؛ پر سمنڊ وٽ، يعني ڳاڙهي سمنڊ وٽ، فساد ڪيائون.

8 پر تڏهن بہ هن کين پنهنجي نالي جي خاطر بچايو، تہ پنهنجي وڏي قدرت ظاهر ڪري.

9 هن ڳاڙهي سمنڊ کي بہ جهڻڪيو ۽ اُهو سڪي ويو: پوءِ هو انهن کي اونهائيءَ مان ائين پار لنگهائي ويو، جو ڄڻ تہ هو بيابان مان لنگهي ويا.

10 هن انهن کي عداوت رکڻ واري جي هٿان بچايو، ۽ کين دشمن جي هٿان ڇڏايائين.

11 پاڻيءَ انهن جي دشمن کي ڍڪي ڇڏيو ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.

12 تڏهن انهن هن جي ڪلام تي ايمان آندو: ۽ سندس تعريف ڳائڻ لڳا.

13 پر انهن جلد ئي هنجي ڪمن کي وساري ڇڏيو؛ ۽ سندس صلاح لاءِ ڪين ترسيا:

14 پر اهي بيابان ۾ ڏاڍيون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ رڻ پٽ ۾ خدا کي آزمايائون.

15 سو هن سندن عرض تہ اگهايو؛ پر سندن جان کي سڪائي ڇڏيائين.

16 انهن منزلگاهہ ۾ موسيٰ سان، ۽ خداوند جي مقدس هارون سان حسد ڪيو.

17 تڏهن زمين ڦاٽي ۽ داتن کي ڳهي ويئي، ۽ ابيرام جي ٽوليءَ کي کائي ويئي.

18 ۽ انهن جي ٽوليءَ ۾ باهہ اچي ٻري؛ جنهن جي شعلن ڪري بدڪار سڙي ويا.

19 انهن حورب ۾ هڪڙو گابو جوڙيو، ۽ پلٽيل مورت کي سجدو ڪيائون.

20 انهيءَ طرح انهن پنهنجي جلال کي بدلائي گاهہ چرندڙ ڏاند جي شڪل جهڙو ڪيو.

21 ۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛

22 ۽ حام جي ملڪ ۾ عجيب ڪم ڪيائين ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ هيبتناڪ ڪم ڏيکاريائين.

23 تنهن ڪري هن چيو تہ آءٌ هنن کي برباد ڪندس، پر سندس چونڊيل موسيٰ اچي وچ ۾ سندس حضور ۾ بيٺو تہ هن جي ڪاوڙ کي ٽاري تہ متان هو انهن کي برباد ڪري ڇڏي.

24 هائو هو انهي دلپسند ملڪ کي ڌڪارڻ لڳا ۽ هن جي ڪلام تي اعتبار نہ ڪيائون؛

25 ۽ پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪرڪر ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو آواز نہ ٻڌائون.

26 تنهن ڪري هن انهن بابت قسم کڻي چيو تہ، آءٌ هن کي بيابان ۾ ڪيرائي چٽ ڪندس:

27 ۽ انهن جي نسل کي غير قوم منجهہ ڪيرائيندس، ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس.

28 پوءِ اهي بعل فغور جي پوڄا ۾ شامل ٿيا، ۽ مئلن جون قربانيون کائڻ لڳا.

29 انهيءَ طرح انهن پنهنجي ڪمن جي ڪري کيس غصو ڏياريو؛ ۽ منجهن طاعون اچي پيو.

30 تڏهن فينحاس اٿي انصاف ڪيو: پوءِ طاعون بند ٿي ويو.

31 ۽ اهو ڪم هن جي لاءِ سڀني پيڙهين ۾ هميشہ تائين راستبازي ليکيو ويو.

32 انهن هن کي مريباہ جي چشمن وٽ بہ غصو ڏياريو، جنهن ڪري انهن جي سببان موسيٰ کي نقصان رسيو.

33 ڇالاءِ جو انهن هن جي روح کي رنج ڪيو، ۽ موسيٰ بي سوچي ڳالهايو.

34 وري جن قومن کي برباد ڪرڻ جو خدا کين حڪم ڏنو هو، تن کي برباد نہ ڪيائون،

35 اُٽلندو انهن قومن ۾ ملي ويا، ۽ انهن جا ڪم سکڻ لڳا:

36 ۽ انهن جي بتن جي عبادت ڪيائون جي انهن جي لاءِ ڦندو ٿي پيا.

37 هائو، انهن پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي ڀوتن جي اڳيان قربان ڪيو.

38 ۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.

39 انهيءَ طرح اهي پنهنجي ڪمن جي ڪري پليت ٿيا، ۽ پنهنجي افعالن جي ڪري زناڪار ٿي پيا.

40 تڏهن خداوند کي پنهنجيءَ اُمت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هو پنهنجيءَ ميراث جي حقارت ڪرڻ لڳو.

41 ۽ هُن انهن کي قومن جي حوالي ڪيو؛ ۽ جن کي انهن سان نفرت هئي سي مٿن حڪومت هلائڻ لڳا.

42 ۽ انهن جي دشمنن کين ستايو، ۽ هو انهن جا تابعدار ٿيا.

43 هن گهڻا ئي ڀيرا کين ڇڏايو؛ پر اهي پنهنجين صلاحن تي هلي فسادي ٿي پيا، ۽ پنهنجيءَ بدڪاريءَ جي ڪري دٻجي ويا.

44 انهيءَ هوندي بہ جڏهن هن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن انهن جي تڪليفن تي نظر ڪيائين.

45 ۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.

46 ۽ جن انهن کي قيد ڪيو هو، تن جي دل ۾ قياس وڌائين.

47 اي خداوند اسان جا خدا اسان کي بچاءِ، ۽ ڌارين قومن مان اسان کي ڪڍي گڏ ڪر. تہ اسين تنهنجي پاڪ نالي جي شڪرگذاري، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فخر ڪريون.

48 خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي، ۽ سڄي اُمت چوي، آمين. اوهين خدا جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan