Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 105 - Sindhi Bible

1 خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، سندس نالو وٺي دعا گهرو؛ ۽ قومن ۾ هنجا ڪم پڌرا ڪريو.

2 هن جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس تعريف ڳايو؛ هن جي سڀني عجيب ڪمن جو ذڪر ڪريو.

3 هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو: خداوند جي طالبن جون دليون خوش ٿين.

4 خداوند ۽ سندس قدرت جا طالب رهو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.

5 هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو: سندس معجزن ۽ وات جي فيصلن کي ياد رکو.

6 اوهين جي هن جي بندي ابراهيم جو نسل، ۽ يعقوب جو اولاد، ۽ سندس چونڊيل آهيو.

7 اِهو خداوند اسان جو خدا آهي: ۽ سندس فيصلا ساريءَ زمين تي آهن.

8 هن پنهنجو عهد هميشہ تائين ياد رکيو آهي، يعني اهو قول جو هزار پيڙهين جي لاءِ فرمايو اٿس؛

9 جو عهد ابرهام سان ڪيو هئائين، ۽ جو قسم اسحاق سان کنيو هئائين؛

10 تنهن کي يعقوب جي لاءِ قانون، ۽ اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو عهد ٺهرايائين:

11 ۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجي ميراث ٿئي.

12 انهي وقت اهي شمار ۾ ٿورا هئا؛ بلڪ تمام ٿورا، ۽ انهي ملڪ ۾ مسافر هئا.

13 اهي هڪڙي قوم مان ٻيءَ ۾، ۽ هڪڙيءَ بادشاهت مان ٻيءَ ۾ پئي گهميا.

14 هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ بلڪ انهن جي خاطر بادشاهن کي ڇينڀيائين.

15 ۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو.

16 وري هن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار موڪليو؛ ۽ سندن روزيءَ کي ڀڃي ڇڏيائين.

17 هن انهن کان اڳ ۾ هڪڙو شخص موڪليو، يعني يوسف، جو غلاميءَ ۾ وڪاڻو.

18 انهن هن جي پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي ڏک ڏنس، ۽ لوهہ جي زنجيرن ۾ قابو ڪيائونس:

19 جيستائين هن جو سخن پورو نہ ٿيو؛ تيستائين خداوند جو ڪلام کيس آزمائيندو رهيو.

20 پوءِ بادشاهہ ماڻهو موڪلي هن کي ڇڏايو؛ هائو، قومن جي حاڪم کيس آزاد ڪيو.

21 هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ ملڪيت تي حاڪم مقرر ڪيو:

22 تہ هن جي سردارن کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب بند ۾ رکي، ۽ هن جي بزرگن کي دانائي سيکاري.

23 پوءِ اسرائيل بہ مصر ۾ آيو؛ ۽ يعقوب حام جي ملڪ ۾ مسافر ٿي رهيو.

24 هن پنهنجيءَ اُمت کي گهڻو وڌايو، ۽ کين سندن دشمن کان وڌيڪ زور وارو ڪيائين.

25 هن انهن جي دلين کي ڦيرايو جنهن ڪري اهي هن جي اُمت سان دشمني ڪرڻ لڳا، ۽ سندس بندن سان دغابازي ڪرڻ لڳا.

26 هن پنهنجي بندي موسيٰ ۽ پنهنجي چونڊيل هارون کي موڪليو.

27 انهن اتي جي ماڻهن ۾، يعني حام جي ملڪ ۾ هن جا نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا.

28 هن اوندهہ کي موڪليو، ۽ اونداهي ٿي پيئي؛ ۽ انهن هن جي ڪلام جي مخالفت ڪئي.

29 هن انهن جي پاڻيءَ کي ڦيرائي رت ڪيو، ۽ سندن مڇيون ماري ڇڏيائين.

30 انهن جو ملڪ ڏيڏرن سان ڀرجي ويو، ۽ اهي بادشاهہ جي ڪوٺين ۾ گهڙي ويا.

31 هن فرمايو، ۽ انهن جي سڀني سرحدن ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ جُوئون اچي پيون.

32 هن انهن تي مينهن جي بدران ڳڙا وسايا، ۽ سندن زمين مان باهہ جا ڀڙڪا نڪتا.

33 هن انهن جي ڊاک جا منهہ، ۽ انجيرن جا وڻ برباد ڪيا؛ ۽ سندن سرحدن جا وڻ ڀڃي ڇڏيائين.

34 هن فرمايو تہ بيشمار مڪڙ ۽ سوٻٽ اچي پيا.

35 ۽ انهن جي ملڪ جو سڀڪو وڻ ٻوٽو کائي ويا، ۽ سندن زمين جا سڀ ميوا کائي کپائي ڇڏيائون.

36 هن انهن جي ملڪ جي پهريتن کي، يعني سندن طاقت جي پهرئين ڦل کي ماري وڌو.

37 هو اسرائيلين کي چاندي ۽ سون سوڌو ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ انهن جي قبيلن ۾ هڪڙو بہ ڪمزور ماڻهو ڪونہ هو.

38 جڏهن اهي هليا ويا تڏهن مصر جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا؛ ڇو تہ انهن جي ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا هئا.

39 هن ڇانوَ ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ هڪڙو ڪڪر موڪليو؛ ۽ رات جو سوجهري لاءِ باهہ موڪيائين.

40 انهن کاڌو گهريو تہ ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.

41 هن ٽڪر کي چيريو ۽ پاڻي وهي آيو؛ ۽ سڪيءَ زمين ۾ نديءَ وانگي وهڻ لڳو.

42 ڇالاءِ تہ جيڪو پاڪ قول پنهنجي بندي ابرهام سان ڪيو هئائين، تنهن کي ياد ڪيائين.

43 هو پنهنجي اُمت کي خوشي ڪندي، ۽ پنهنجي چونڊيلن کي گيت ڳائيندي، ٻاهر ڪڍي آيو.

44 هن انهن کي قومن جا ملڪ ڏنا؛ ۽ هنن قومن جي ڪمائيءَ تي قبضو ڪيو.

45 تہ اُهي هن جي قانون کي مڃين، ۽ سندس شريعت تي عمل ڪن. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan