زبور 104 - Sindhi Bible1 اي منهنجي جان تون خداوند کي مبارڪ چئو. اي خداوند منهنجا خدا تون تمام عظيم آهين؛ تون شان ۽ شوڪت سان ڍڪيل آهين. 2 تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين: 3 تون پنهنجي بالاخاني جا شهتير پاڻيءَ تي ٿو رکين؛ ۽ ڪڪرن کي پنهنجو رٿ ٿو ڪرين؛ ۽ واءُ جي پرن تي ٿو رهين. 4 تون پنهنجن فرشتن کي هوا وانگر ٿو بنائين؛ ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جا شعلا: 5 تو زمين کي انهي جي بنياد تي قائم ڪيو، تہ هو ڪڏهن بہ مٽجي نہ وڃي. 6 تو انهيءَ کي اونهي سمنڊ سان لباس وانگر ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ پاڻي جبلن کان بہ مٿي هئا. 7 تنهنجيءَ ڇينڀ تي اهي ڀڄي ويا؛ ۽ تنهنجيءَ گجگوڙ جي آواز تي اهي جلدي ويا هليا؛ 8 اُهي انهيءَ جاءِ تي پهچي ويا جا تو انهن لاءِ تيار ڪئي هئي؛ ۽ جبل وري مٿي آيا، ۽ واديون ويهي ويون. 9 تو انهن جي لاءِ هڪڙي حد ٺهرائي آهي تہ انهيءَ کان ٻاهر نہ نڪرن؛ ۽ وري زمين کي ڍڪي نہ ڇڏين. 10 هو وادين ۾ چشما جاري ٿو ڪري؛ جي جبلن مان ٿا نڪرن: 11 انهن مان جهنگ جا سڀ جانور پاڻي ٿا پيئن، ۽ جهنگ جا گڏهہ بہ اچيو اُڃ لاهين. 12 انهن ڪنڌين تي آسمان جا پکي آکيرا ڪري ٿا ويهن، ۽ ٽارين ۾ لاتيون پيا ڳائين. 13 هو پنهنجي بالاخانن مان جبلن تي مينهن ٿو وسائي: تنهنجيءَ ڪاريگريءَ جي ڦل سان زمين ڍءُ ٿي ڪري. 14 هو ڍورن لاءِ گاهہ، ۽ انسانن جي ڪم لاءِ ڀاڄي ٿو اُڀرائي؛ تہ زمين مان خوراڪ پيدا ڪري. 15 ۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي. 16 خداوند جي وڻن کي پورو پاڻي ٿو ملي؛ يعني لبنان جا ديودار جي هن پوکيا آهن؛ 17 جن ۾ پکي پنهنجا آکيرا ٿا جوڙين: ۽ صنوبر جي وڻن ۾ لقلق پنهنجو گهر جوڙيو آهي. 18 وڏا جبل جهنگلي ٻڪرن جي لاءِ آهن؛ ۽ ٽڪريون سهن جي پناهہ آهن. 19 هن چنڊ کي مندن جي لاءِ مقرر ڪيو: ۽ سج کي پنهنجي لهڻ جي مهل معلوم آهي. 20 تون اونداهي ٿو ڪرين تہ رات ٿي ٿئي؛ جنهن ۾ جهنگ جا سڀيئي جانور ٻاهر نڪري ٿا اچن. 21 جوان شينهن شڪار جي پٺيان گجگار ٿا ڪن، ۽ خدا کان پنهنجو کاڌو ٿا گهرن. 22 سج نڪرڻ مهل اهي هليا ٿا وڃن، ۽ پنهنجين غارن ۾ وڃي سمهي ٿا پون. 23 انسان پنهنجي ڪم تي ٿو نڪري ۽ سانجهيءَ تائين پورهئي ۾ لڳو ٿو رهي. 24 اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ بيحد آهن! تو انهن سڀني کي دانائيءَ سان جوڙيو آهي: زمين تنهنجي خزانن سان ڀرپور آهي. 25 ڏسو هو وڏو ۽ ويڪرو سمنڊ، جنهن ۾ سرندڙ شيون ۽ ننڍا توڙي وڏا بيشمار جانور آهن. 26 انهي تي جهاز ٿا هلن؛ ۽ منجهس مانگر مڇ بہ آهن، جن کي تو انهيءَ ۾ راند ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي. 27 انهن سڀني کي تنهنجو آسرو آهي، تہ تون کين وقت تي کاڌو ڏين. 28 جيڪي تون انهن کي ڏين ٿو سو اهي وٺن ٿا؛ تون پنهنجي مٺ ٿو کولين تہ اهي چڱين شين سان ڍءُ ٿا ڪن. 29 تون پنهنجو منهن لڪائين ٿو، تہ اهي پريشان ٿا ٿين؛ تون انهن جو ساهہ ٿو ڪڍين تہ اهي مريو وڃن، ۽ وري مٽيءَ ۾ وڃيو ملن. 30 تون پنهنجو روح ٿو موڪلين تہ اهي پيدا ٿا ٿين؛ ۽ تون زمين جي سطح کي نئين سر آباد ٿو ڪرين. 31 شل خداوند جو جلال هميشہ تائين رهي؛ شل خداوند پنهنجي ڪمن کان خوش ٿئي: 32 هو زمين ڏانهن نهاري ٿو تہ اُها ڏڪيو وڃي، هو جبلن کي ڇهي ٿو تہ انهن مان دونهون ٿو نڪري. 33 جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي حضور ۾ گيت ڳائيندس: جيسين آءٌ حيات آهيان تيسين خدا جي تعريف ڳائيندو رهندس. 34 شل منهنجا خيال کيس پسند اچن: آءٌ خداوند ۾ خوش رهندس. 35 شل گنهگار زمين تان فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار باقي نہ رهن. اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. خداوند جي تعريف ڪريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society