زبور 103 - Sindhi Bible1 اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ؛ ۽ جيڪي منهنجي اندر آهي سو سڀ هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چوي. 2 اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار. 3 هو تنهنجا سڀيئي گناهہ بخشي ٿو؛ ۽ تنهنجا مڙيئي مرض مٽائي ٿو؛ 4 هو تنهنجيءَ حياتيءَ کي برباديءَ کان ٿو ڇڏائي؛ هو توکي ٻاجهہ ۽ رحم جو ڇٽ ٿو ڍڪائي. 5 هو توکي ساري عمر چڱين شين سان ڍءُ ٿو ڪرائي؛ ۽ تون عقاب وانگر نئين سر جوان ٿو ٿين. 6 خداوند سڀني ستايلن لاءِ راستي ۽ انصاف عمل ۾ ٿو آڻي. 7 هن پنهنجون واٽون موسيٰ کي ڏيکاريون، ۽ پنهنجا ڪم بني اسرائيل تي پڌرا ڪيا. 8 خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي. 9 هو سدائين ڪين پيو ڇينڀيندو؛ نيڪي پنهنجو غصو هميشہ جي لاءِ رکندو. 10 هن اسان جي گناهن موافق اسان سان هلت ڪين ڪئي آهي، نڪي اسان جين خطائن موجب اسان کي بدلو ڏنو اٿس. 11 ڇو تہ جيئن آسمان زمين کان گهڻو مٿي آهي، تيئن هن جو رحم انهن تي ججهو ئي آهي جي کانئس ڊڄن ٿا. 12 جيترو اُڀرندو الهندي کان پري آهي، اوترو ئي هن اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪيا آهن. 13 جيئن پيءُ پنهنجي ٻارن تي ڪهل ٿو ڪري، تيئن خداوند انهن تي ڪهل ٿو ڪري جي کانئس ڊڄن ٿا. 14 ڇو جو هن کي اسان جي طبيعت جي خبر آهي؛ ۽ ياد اٿس تہ اسين خاڪ آهين. 15 انسان جي حياتي گاهہ جي مثل آهي؛ هو جهنگلي گل وانگي وڌي ٿو. 16 پر جڏهن مٿس واءُ ٿو لڳي تڏهن هو گم ٿيو وڃي؛ ۽ وري انهي جي جاءِ جي بہ خبر نٿي پوي. 17 پر جن کي خداوند جو ڊپ آهي، تن تي سندس رحم ازل کان ابد تائين آهي، ۽ سندس راستبازي انهن جي اولاد جي اولاد تي هلندي اچي. 18 يعني انهن تي جيڪي هن جي عهد کي مڃين ٿا، ۽ سندس حڪمن کي ياد رکي انهن تي عمل ٿا ڪن. 19 خداوند پنهنجو تخت آسمان ۾ قائم ڪيو آهي؛ ۽ سندس حڪومت سڀني تي ٿي هلي. 20 اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو. 21 اي خداوند جا لشڪر، اوهين جي سندس خدمت ڪرڻ وارا آهيو ۽ هن جي مرضيءَ تي ٿا هلو، سي خداوند کي مبارڪ چئو. 22 اي خداوند جي ساري خلقت، هن جي بادشاهت ۾ سڀ ڪنهن هنڌ کيس مبارڪ چئُہ: اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society