زبور 102 - Sindhi Bible1 اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجون دانهون تنهنجي حضور ۾ پهچن. 2 منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ: ۽ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي: جڏهن آءٌ توکي پڪاريان، تڏهن مون کي جلد جواب ڏي. 3 ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن دونهين وانگي اُڏاميو وڃن، ۽ منهنجون هڏيون اُماڙيءَ وانگيان سڙي ٿيون وڃن. 4 منهنجي دل گاهہ وانگي ڪومائجي ۽ سڪي ويئي آهي؛ ۽ آءٌ پنهنجي ماني کائڻ بہ ڀلجيو وڃان. 5 ڪنجهندي ڪنجهندي منهنجون هڏيون ماس سان وڃي لڳيون آهن. 6 آءٌ جهنگ جي پيڻ وانگي، ۽ ويران هنڌ تي جي چٻري جهڙو ٿي پيو آهيان. 7 آءٌ اوجاڳا پيو ڪڍان، آءٌ انهيءَ جهرڪيءَ وانگي آهيان جا کڏ تي اڪيلي ويٺي هجي. 8 منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون کي طعنا پيا هڻن، ۽ جيڪي مون تي ڇتا ٿي پيا آهن سي مون تي لعنت پيا ڪن. 9 ڇو جو آءٌ خاڪ مانيءَ وانگر ٿو کاوان، ۽ لڙڪ گڏيل پاڻي ٿو پيئان. 10 اهو تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي: ڇو جو تو مون کي مٿي چاڙهيو ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو آهي: 11 منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان. 12 پر اي خداوند تون سدائين جٽاءُ ڪندين. ۽ تنهنجي يادگيري پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ رهندي. 13 تون اُٿي صيون تي رحم ڪندين: ڇو تہ انهيءَ تي قياس ڪرڻ جو وقت آيو آهي، هائو مقرر وقت اچي پهتو آهي. 14 ڇو جو تنهنجا بندا انهيءَ جا پٿر بہ پسند ٿا ڪن، ۽ سندس مٽيءَ تي بہ ڪهل ٿي اچين. 15 تنهن ڪري قومون خداوند جي نالي کان ڊڄنديون، ۽ زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجي جلال کان ڊڄندا رهندا: 16 ڇو جو خداوند صيون کي اڏايو آهي، ۽ هو پنهنجي جلال ۾ ظاهر ٿيو آهي. 17 هن بيوسن جي دعا ڏانهن ڌيان ڏنو آهي، ۽ انهن جي دعا کي حقير نہ سمجهيو اٿس. 18 هيءَ ڳالهہ ايندڙ پيڙهيءَ جي لاءِ لکبي: ۽ جيڪا اُمت پيدا ٿيندي سا خداوند جي تعريف ڪندي. 19 ڇو جو هن پنهنجي پاڪ مڪان تان هيٺ نهاريو آهي؛ خداوند آسمان تان زمين تي نظر ڪئي آهي. 20 تہ قيدين جون آهون ٻڌي؛ ۽ جيڪي موت جي منهن ۾ آهن تن کي ڇڏائي. 21 انهي لاءِ تہ ماڻهو صيون ۾ خداوند جو نالو پڌرو ڪن، ۽ يروشلم ۾ سندس تعريف ڪن. 22 يعني جڏهن قومون، ۽ بادشاهتون، خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿين. 23 هن واٽ تي ئي منهنجي زور کي گهٽائي ڇڏيو، هن منهنجي عمر گهٽائي ڇڏي. 24 مون چيو تہ اي خدا منهنجي اڌ عمر ۾ مون کي کڻي نہ وٺ: تنهنجا ورهيہ تہ سڀني پيڙهين تائين پيا هلن. 25 تو قديم زماني ۾ زمين جو بنياد وڌو ۽ آسمان تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن. 26 اهي نابود ٿي ويندا پر تون قائم رهندين: اهي سڀيئي پوشاڪ وانگي پراڻا ٿي ويندا؛ تون انهن کي ڪپڙن وانگي مٽائيندين ۽ اهي بدلجي ويندا: 27 پر تون بدلجڻ جو نہ آهين، ۽ تنهنجن ڏينهن جي پڄاڻي ڪانہ ٿيندي. 28 تنهنجن بندن جا ٻار هليا هلندا، ۽ سندن نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society