زبور 101 - Sindhi Bible1 آءٌ رحم ۽ انصاف جو گيت ڳائيندس: اي خداوند آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس. 2 آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس. 3 آءٌ ڪنهن خراب ڳالهہ کي پنهنجي سامهون ڪين رکندس: جيڪي خراب رستي تي ٿا هلن تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي؛ انهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي. 4 ڏنگي دل مون کان پري رهندي، آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ سان واقفيت نہ رکندس. 5 جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس. 6 ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو. 7 جيڪو ٺڳي ٿو ڪري سو منهنجي گهر ۾ ڪين رهندو: ۽ جيڪو ڪوڙ ٿو ڳالهائي سو منهنجي سامهون جٽاءُ ڪين ڪندو. 8 آءٌ هر روز صبح جو ملڪ جي سڀني بڇڙن کي برباد ڪندس؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شهر مان سڀني خطاڪارن کي تباهہ ڪري ڇڏيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society