زبور 100 - Sindhi Bible1 اي زمين جي سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو. 2 خوشيءَ سان خداوند جي عبادت ڪريو: ۽ گيت ڳائيندا سندس حضور ۾ اچو. 3 اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون. 4 شڪر گذاري ڪندا هن جي دروازن ۾، ۽ تعريف ڪندا سندس درگاهہ ۾ داخل ٿيو: هن جا ٿورا مڃيو، ۽ سندس نالي کي مبارڪ چئو. 5 ڇو جو خداوند مهربان آهي؛ ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي؛ ۽ سندس وفاداري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society