زبور 10 - Sindhi Bible1 اي خداوند، تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ ۽ ڏکيءَ ويل تون پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين؟ 2 بڇڙا پنهنجيءَ مغروريءَ ۾ غريب جي پٺيان پيا آهن؛ ۽ جيڪي رِٿون رٿيون اٿن، تن ۾ پاڻ ئي ڦاسي پون. 3 ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري. 4 بدڪار پنهنجي مغرور چهري سان ظاهر ٿو ڪري تہ هو نٿو ڳولي؛ هن جا سڀ خيال هي آهن، تہ خدا آهي ئي ڪونہ. 5 هو پنهنجن واٽن ۾ هر وقت قائم ٿو رهي؛ تنهنجو انصاف هن جي نظر کان ٻاهر ۽ گهڻو مٿي آهي، هو پنهنجن سڀني دشمنن تي ڦوڪي ٿو. 6 هو پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ مونکي لوڏو ئي ڪين ايندو: سڀني پيڙهين تائين مون تي ڪڏهن مصيبت ڪانہ پوندي. 7 هن جو وات لعنت، ۽ دغا، ۽ ظلم سان ڀريل آهي: هن جي زبان تي ٺڳي ۽ برائي آهي. 8 هو ڳوٺ جي ڳجهين جاين ۾ ويهي ٿو: ۽ لڪل جاين ۾ بي گناهہ کي قتل ٿو ڪري: هن جون اکيون ڳجهيءَ طرح لاچار تي کُتل آهن. 9 جيئن شينهن پنهنجي غار ۾ ڄڪ هڻي ويهندو آهي، تيئن هو ڳجهيءَ جاءِ ۾ لڪي ٿو ويهي: هو غريب کي جهلڻ جي انتظار ۾ ٿو رهي: ۽ غريب کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي جهلي ٿو وٺي. 10 هو ڇپ هڻي جهڪي ٿو ويهي، ۽ لاچار زوراورن جي هٿ سان ڪريو پون. 11 هو پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ خدا ڀلجي ويو آهي: هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو؛ هو انهي کي ڪڏهن ڪين ڏسندو. 12 اي خداوند، اُٿ: اي خداوند، پنهنجو هٿ مٿي کڻ: غريبن کي نہ وسار. 13 ڇو بدڪار خدا تي لعنت ٿو ڪري، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ تون انهي جو بدلو ڪونہ وٺندين؟ 14 تو ڏٺو آهي: ڇو جو تون دغا ۽ بغض تي نگاهہ ٿو رکين، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿ سان انهي جو بدلو ڏين: لاچار پاڻ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪري؛ تون ئي يتيمن جو مددگار آهين. 15 بدڪار جي ٻانهن کي ڀڃي ڇڏ؛ ۽ بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ کي اهڙو نابود ڪر، جو وري ڳوليو نہ لڀي. 16 خداوند هميشہ تائين بادشاهہ آهي: غير قومون سندس ملڪ مان نابود ٿي ويون آهن. 17 اي خداوند، تو نماڻن جي خواهش ٻڌي آهي: تون انهن جي دل کي تيار ڪندين، تون ڪن ڏيئي ٻڌندين: 18 انهي لاءِ تہ تون يتيمن ۽ مظلومن جو انصاف ڪرين، تہ انسان جو مٽيءَ مان ٺهيل آهي سو وري ڪڏهن ظلم نہ ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society