Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 8 - Sindhi Bible

1 ڏاهپ رڙيون نٿي ڪري ڇا، ۽ سمجهہ وڏي سڏ نٿي پڪاري ڇا؟

2 رستي جي ڀرسان مٿانهين جاين تي، جتي واٽون اچيو ٿيون گڏ ٿين، اتي هوءَ بيهي ٿي؛

3 شهر جي لنگهہ تي دروازن جي ڀرسان، جتان ماڻهو درن مان لنگهي اندر اچن ٿا، اُتي هوءَ وڏي سڏ پڪاري ٿي:

4 تہ اي انسان، اوهان کي آءٌ سڏيان ٿي، ۽ منهنجو آواز بني انسان لاءِ آهي.

5 اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.

6 ٻڌو جو آءٌ تمام عمديون ڳالهيون ٻڌائينديس؛ ۽ منهنجن چپن جي کلڻ سان سچيون ڳالهيون نڪرن ٿيون.

7 ڇالاءِ جو منهنجو وات سچ ڳالهائيندو، ۽ شرارت منهنجي چپن جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهي.

8 منهنجي وات جون سڀ ڳالهيون سچائيءَ واريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪوبہ ڏنگ يا ڏانوَ ڪونهي.

9 جيڪو سمجهي ٿو تنهنجي لاءِ اُهي سڀ صاف آهن، ۽ جن کي علم حاصل آهي تن جي لاءِ اهي سچيون آهن.

10 منهنجي تعليم وٺو ۽ نہ چاندي؛ ۽ خالص سون کي ڇڏي بہ علم وٺو.

11 ڇالاءِ جو ڏاهپ لعلن کان بهتر آهي؛ ۽ اُهي سڀ شيون جي خواهش ڪرڻ جهڙيون آهن، سي انهيءَ سان مقابلي ڪرڻ جون نہ آهن.

12 مون ڏاهپ، هوشياريءَ کي پنهنجو گهر ڪيو آهي، ۽ آءٌ علم ۽ سياڻپ کي ڳولي لهان ٿي.

13 خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.

14 مصلحت ۽ پوري ڄاڻپ منهنجي آهي؛ آءٌ سمجهہ آهيان؛ مون کي طاقت آهي.

15 منهنجي وسيلي بادشاهہ راڄ ٿا ڪن، ۽ حاڪم انصاف جو فيصلو ٿا ڪن.

16 منهنجي وسيلي حاڪم ۽ امير، بلڪ زمين جا سڀ منصف حڪم ٿا هلائين.

17 جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.

18 دولت ۽ عزت مون وٽ آهي، هائو بقا ڪندڙ دولت ۽ سچائي.

19 منهنجو ميوو سون کان، هائو عمدي سون کان بهتر آهي؛ ۽ منهنجي پيدائش عمديءَ چانديءَ کان بهتر آهي.

20 آءٌ سچائيءَ جي رستي تي، ۽ عدالت جي واٽن جي وچان هلان ٿي:

21 انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون سان محبت رکن ٿا تن کي مال ملڪيت ورثي ۾ ڏيان، ۽ انهن جا خزانا ڀريان.

22 خداوند عالم جي شروعات ۾، قديم وقت ۾ پنهنجن ڪمن کان اڳي مون کي ٿي رکيو.

23 آءٌ ازل کان، شروعات کان وٺي، ۽ زمين جي پيدا ٿيڻ کان اڳي، مقرر ڪئي ويئي هيس.

24 جڏهن اڃا وڏا سمنڊ ڪين هئا تڏهن آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس؛ جڏهن اڃا چشما پاڻيءَ سان ڀريل نہ هئا.

25 جبلن جي قائم ٿيڻ کان اڳي، ۽ ٽڪرن کان اڳي آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس:

26 جڏهن اڃا نہ زمين جوڙي ويئي هئي، نہ ميدان، ۽ نہ دنيا جي شروعات واري مٽي.

27 جڏهن هن آسمان بنايا تڏهن آءٌ اُتي هيس: جڏهن هن سمنڊ جي سطح تي گهيرو ڪيو:

28 جڏهن مٿي هن آسمانن کي مضبوط ڪيو: جڏهن اونهائيءَ جا چشما مضبوط ٿيا:

29 جڏهن هن سمنڊ جي حد ٺهرائي، تہ پاڻي هن جي حڪم کان ٻاهر نہ وڃي: جڏهن هن زمين جي بنياد جو نشان ڪڍيو:

30 تڏهن آءٌ استاد ڪاريگر وانگر ساڻس هيس: ۽ ڏهاڙي هو مون مان خوش ٿيندو هو، ۽ آءٌ هميشہ هن جي اڳيان خوش رهندي هيس؛

31 هن جي زمين جي وسندڙ ڀاڱي ۾ آءٌ خوشيون ڪندي هيس، ۽ انسانن جي صحبت ۾ مون کي خوشي حاصل ٿيندي هئي.

32 تنهن ڪري هاڻي، اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو؛ ڇالاءِ جو سڀاڳا آهن اهي جي منهنجن رستن جي سنڀال ٿا ڪن.

33 تعليم ٻڌو، ۽ ڏاها ٿيو، ۽ انهيءَ کان انڪار نہ ڪريو.

34 سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو منهنجي ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجن دروازن تي خبردار ٿي بيهي ٿو، ۽ منهنجن درن جي چانئٺ تي منتظر ٿي بيهي ٿو.

35 ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.

36 پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan