Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 6 - Sindhi Bible

1 اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جو ضامن پيو آهين، جيڪڏهن تو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ لاءِ تاڙي هنئي آهي،

2 تہ تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري ڦاٿو آهين، تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري گرفتار ٿيو آهين.

3 اي منهنجا پٽ، هاڻي تون هيئن ڪر ۽ پاڻ کي بچاءِ، جڏهن تون ڏسين ٿو تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي چنبي ۾ آيو آهين؛ تڏهن وڃي نياز ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي منٿ آزي ڪر.

4 پنهنجين اکين کي ننڊ نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجن ڇپرن کي بند ٿيڻ ڏي.

5 پاڻ کي ائين ڇڏاءِ جيئن ڪا هرڻي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان ڇڏائي، ۽ جيئن ڪو پکي ماريءَ جي هٿان.

6 اي سست، تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ؛ هن جي رستن تي ويچار ڪر، ۽ ڏاهو ٿيءُ:

7 جنهن کي اگرچہ ڪو سردار، يا نگهبان يا حاڪم ڪونهي.

8 تہ بہ پنهنجي لاءِ آرڙهہ ۾ کاڌو موجود ڪري ٿي، ۽ فصل لهڻ جي وقت پنهنجي خوراڪ گڏ ڪري ٿي.

9 اڙي سست، تون ڪيترو سمهندين؟ ڪڏهن تون پنهنجي ننڊ مان اُٿندين؟

10 اڃا بہ ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي، سمهڻ لاءِ ٿورو ٻانهون سوڙهيون ڪرڻ:

11 ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي، ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگر ايندي.

12 نڪمو آدمي، بدڪار ماڻهو؛ هو بيهودي وات سان هلي ٿو؛

13 هو اکيون ڀڃي ٿو، ۽ هو پنهنجن پيرن سان ڳالهائي ٿو، هو پنهنجين آڱرين سان اشارا ڏئي ٿو.

14 بيهودگي هنن جي دل ۾ آهي، هو هميشہ خراب رِٿون پيو ڪري؛ هو فتنو فساد پيو پوکي.

15 تنهن ڪري هن جي آفت اوچتي ايندي؛ اوچتو ئي اوچتو هو ڀڄي ڀري ويندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.

16 ڇهہ شيون آهن جن کي خداوند ڌڪاري ٿو؛ هائو ست آهن، جن کان هن کي نفرت ٿي اچي.

17 مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، ۽ بي گناهہ رت وهائيندڙ هٿ؛

18 خراب خيالي رٿون رٿيندڙ دل، خرابيءَ ڏانهن تکا ڊوڙندڙ پير؛

19 ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪُساکي شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جهيڙو وجهندڙ ماڻهو.

20 اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي حڪمن جي سنڀال رک، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي.

21 انهن کي هميشہ پنهنجيءَ دل تي ٻڌي ڇڏ، ۽ پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ڳنڍ ڏيئي ڇڏين.

22 جڏهن هلندين تڏهن اُهو تنهنجي هدايت ڪندو؛ جڏهن تون سمهندين تڏهن اُهو تنهنجي مٿان پهرو ڏيندو؛ ۽ جڏهن تون جاڳندين تڏهن اهو تو سان ڳالهائيندو.

23 ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:

24 انهيءَ لاءِ تہ توکي خراب زال کان، ۽ ڌارين جي خوشامد کان بچائين.

25 انهيءَ جي سونهن جي پٺيان پنهنجي دل ۾ خواهش نہ رک؛ ۽ نہ هن کي ڇڏ تہ توکي پنهنجين اکين جي ڇپرن سان گرفتار ڪري.

26 ڇالاءِ جو هڪڙي ڪسبياڻيءَ زال جي ڪري ماڻهو لهي اچي مانيءَ جي ٽڪر تي ٿو بيهي: ۽ زناڪار زال قيمتي حياتيءَ جو شڪار ٿي ڪري.

27 ماڻهو ڪو باهہ پنهنجي سيني ۾ کڻي سگهندو ڇا، ۽ سندس ڪپڙا نہ سڙندا؟

28 يا ڪو ٻرندڙ ٽانڊن تي هلندو ڇا، ۽ سندس پير نہ سڙندا؟

29 ساڳيءَ طرح جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان صحبت ڪري ٿو؛ جيڪو اُن کي هٿ لائي ٿو، سو سزا جي لائق ٿيندو.

30 جيڪو چور بک جي ڪري پنهنجي روح کي راضي رکڻ لاءِ چوري ٿو ڪري، تہ ماڻهو انهيءَ کي ڌڪارين نٿا:

31 پر جي هو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو؛ هو پنهنجي گهر جو سمورو مال ڏيندو.

32 جيڪو ڪنهن زال سان زنا ڪري ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي؛ جيڪو اهو ڪندو سو پنهنجي جان ناس ڪندو.

33 هن کي زخم رسندا ۽ بي عزت ٿيندو؛ ۽ هن جي خواري گم ٿي نہ ويندي.

34 ڇالاءِ جو غيرت ماڻهوءَ جو جوش آهي؛ ۽ وير وٺڻ واري ڏينهن هو ڪوبہ قياس نہ ڪندو.

35 هو ڪنهن بہ عيوضي تي ڌيان نہ ڏيندو؛ جيتوڻيڪ تون هن کي گهڻيون سوکڙيون ڏيندين تہ بہ هو راضي نہ رهندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan