Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 31 - Sindhi Bible

1 بادشاهہ لموايل جو ڪلام، جو ان جي ماءُ کيس سيکاريو:

2 اي منهنجا پٽ، اي منهنجي پيٽ جا پٽ، ۽ اي منهنجن مڃتائن جا پٽ.

3 پنهنجي طاقت زالن کي نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجا رستا انهي کي جو بادشاهن کي ناس ڪري ٿو.

4 اي لموايل، اهو بادشاهن جي لائق ناهي، تہ شراب پيئن ۽ نہ ائين چوڻ بادشاهن جي لائق آهي تہ شراب ڪٿي آهي؟

5 تہ متان هو پيئن ۽ شريعت وساري ڇڏين، ۽ ڪنهن ڏکويل جي اُبتي عدالت ڪن.

6 نشي واري شيءِ انهيءَ کي پياريو جو مرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ شراب انهيءَ کي پياريو جو شڪستہ دل وارو آهي.

7 ڀلي تہ اهو پيئي ۽ پنهنجي مفلسي وساري ۽ وري پنهنجي مصيبت ياد نہ ڪري.

8 پنهنجو وات گونگن جي لاءِ پٽ، ۽ انهن سڀني جي وڪالت ۾ جي نڌڻڪا ڇڏيا ويا آهن.

9 پنهنجو وات پٽ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪر، ۽ غريبن ۽ محتاجن جي عدالت ڪر.

10 نيڪ زال ڪير لهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو ان جي قيمت لعلن کان بہ گهڻو مٿي آهي.

11 سندس مڙس جي دل جو منجهس گهڻو اعتبار آهي، ۽ انهيءَ کي فائدي جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.

12 هوءَ پنهنجي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ هن سان چڱائي ٿي ڪري ۽ نہ بڇڙائي.

13 هوءَ اُن ۽ سڻي ٿي ڳولي، ۽ خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان ڪم ڪري ٿي.

14 هوءَ واپاري جهازن وانگي آهي: هو پنهنجو کاڌو پري کان ٿي آڻي.

15 اڃا رات پيئي آهي تہ هوءَ اُٿي ٿي، ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کاڌو ڏئي ٿي، ۽ ٻانهين کي پنهنجو پنهنجو ڪم ٻڌائي ٿي.

16 هوءَ ڪنهن ٻنيءَ بابت ويچار ڪري اها خريد ڪري ٿي؛ پنهنجن هٿن جي ڪمائي مان هوءَ ڊاک جو منهہ بنائي ٿي.

17 هوءَ پنهنجي چيلهہ مضبوط ٻڌي ٿي، ۽ پنهنجون ٻانهون مضبوط ڪري ٿي.

18 هوءَ صحيح ڪري ٿي تہ سندس سوداگريءَ مان فائدو آهي؛ ۽ هن جو ڏيئو رات جو وسامي نٿو وڃي.

19 هوءَ پنهنجا هٿ ٽڪ تي رکي ٿي، ۽ چرخيءَ کي پنهنجن هٿن سان قابو ڪري جهلي ٿي.

20 هوءَ پنهنجو هٿ غريبن ڏي ڊگهيري ٿي: هائو هوءَ پنهنجا هٿ اڳي ڪري محتاجن کي ڏئي ٿي.

21 هوءَ پنهنجي گهر وارن لاءِ سخت سرديءَ کان نٿي ڊڄي؛ ڇالاءِ سندس گهر جا سڀ ڀاتي کهنبا ڪپڙا ڍڪين ٿا.

22 هوءَ پنهنجي لاءِ نقشدار غاليچا جوڙي ٿي؛ سندس ڪپڙا عمديءَ ڪتان جا ۽ واڱڻائي رنگ جا آهن.

23 سندس مڙس شهر جي دروازن تي سڃاتل آهي، جو هو اتي ملڪ جي بزرگن منجهہ ويهي ٿو.

24 هوءَ ڪتاني ڪپڙا جوڙي وڪڻي ٿي؛ ۽ سوداگر کي ڪمربند ڏئي ٿي.

25 طاقت ۽ عزت هن جي پوشاڪ آهن؛ ۽ هوءَ ايندڙ وقت تي کلي ٿي.

26 هوءَ ڏاهپ سان پنهنجو وات پٽي ٿي؛ ۽ مهربانيءَ جو قاعدو سندس زبان تي آهي.

27 هوءَ پنهنجي گهر ٻار جي رستن ڏي نهاري ٿي، ۽ سستيءَ جي ماني نٿي کائي.

28 سندس ٻار اُٿن ٿا ۽ کيس برڪت واري ٿا سڏين: سندس مڙس بہ سندس تعريف ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ:

29 گهڻين ئي ڌيئرن نيڪي جا ڪم ڪيا آهن، پر تون سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهين.

30 سونهن ٺڳيندڙ آهي ۽ خوبصورتي اجائي آهي؛ پر جيڪا زال خداوند کان ڊڄي ٿي سا ساراهي ويندي.

31 هن کي سندس هٿن جو ڦل ڏي؛ ۽ سندس ڪم ڀلي تہ شهر جي دروازن ۾ کيس ساراهين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan