Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 26 - Sindhi Bible

1 جيئن برف اونهاري ۾، ۽ جيئن مينهن فصلن لهڻ جي موسم ۾، تيئن عزت بيعقل جي لاءِ سهائيندي ناهي.

2 جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.

3 چهبڪ گهوڙي لاءِ، لغام گڏهہ لاءِ، ۽ لڪڻ بي عقلن جي پٺيءَ لاءِ.

4 بي عقل کي سندس بيعقليءَ موجب جواب نہ ڏي، تہ متان تون بہ انهيءَ جهڙو ٿي پوين.

5 بي عقل کي سندس بي عقليءَ موجب جواب ڏي، متان هو پاڻ کي پنهنجي خيال موجب ڏاهو سمجهي.

6 جيڪو ڪنهن بيعقل جي هٿان پيغام موڪلي ٿو، سو پنهنجو پير وڍي ڇڏي ٿو ۽ نقصان پي وڃي ٿو.

7 منڊي جون ٽنگون ڍريون لڙڪن ٿيون، تيئن مثل بيعقلن جي وات ۾ آهي.

8 جيئن جواهرن جي ڳوٿري پهڻن جي ڍڳ ۾، تيئن اهو ماڻهو آهي جو ڪنهن بي عقل کي عزت ٿو ڏئي.

9 جيئن ڪو ڪنڊو ڪنهن نشئيءَ جي هٿ ۾ چڙهي وڃي ٿو، تيئن مثل بي عقلن جي وات ۾ آهي.

10 جيئن ڪو تير انداز سڀني کي زخمي ڪري ٿو، تيئن اهو ماڻهو آهي جو بي عقل کي ڀاڙي ڪري ٿو، ۽ اُهو جو رستي تان لنگهندڙن کي ڀاڙي ڪري ٿو.

11 جيئن ڪو ڪتو پنهنجي ڪيل قئي تي موٽي اچي ٿو، تيئن اُهو بي عقل آهي جو وري وري پنهنجي بي عقلي ظاهر ڪري ٿو.

12 تون اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.

13 سست چوي ٿو تہ رستي ۾ هڪڙو شينهن آهي، هڪڙو شينهن گهٽين ۾ آهي.

14 جيئن در پنهنجن چوڙن تي ڦري ٿو، تيئن سست پنهنجي هنڌ تي ٿو ڪري.

15 سست پنهنجو هٿ رڪابيءَ ۾ ٻوڙي ٿو، پر اُتان کڻي اُهو پنهنجي وات تائين آڻڻ بہ هن کي ٿڪايو وجهي.

16 سست پاڻ کي انهن ستن ماڻهن کان ڏاهو ٿو سمجهي، جي پورو دليل ڏيئي سگهن ٿا.

17 جيڪو راهہ لنگهندي جنهن جهيڙي سان سندس ڪوبہ واسطو ڪونهي تنهن سان پاڻ کي هلاڪ ٿو ڪري، سو اُنهيءَ ماڻهو جهڙو آهي جو ڪتي کي ڪنن کان ٿو وٺي.

18 جيئن ڪو ديوانو ماڻهو اُماڙيون، ۽ تير ۽ موت جا هٿيار اُڇلائي.

19 تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٺڳي ٿو، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ رونشو نٿو ڪريان ڇا؟

20 ڪاٺي نہ هئڻ ڪري باهہ اُجهامي وڃي ٿي، جتي ڪو سُس پُس ڪرڻ وارو ڪونهي اُتي جهيڙو فساد بند ٿي وڃي ٿو.

21 جيئن اڱر ٽانڊن لاءِ، ۽ ڪاٺيون باهہ لاءِ، تيئن جهيڙاڪ ماڻهو جهيڙي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.

22 چغلخور جون ٻوليون لذيذ لقمن وانگي آهن، ۽ اُهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ وڃيو ٿيون پهچن.

23 شوق وارا چپ ۽ خراب دل انهي ٺڪر جي ٿانوَ جهڙا آهن، جنهن مٿان چانديءَ جو مٺ چڙهيل هجي.

24 جيڪو دشمني ٿو رکي سو پنهنجن چپن سان ڍونگ ڪري ٿو، مگر پنهنجي اندر ۾ دغا رکي ٿو:

25 جڏهن هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو، تڏهن هن تي ويساهہ نہ ڪر، ڇالاءِ جو هن جي دل ۾ ست نفرتون آهن.

26 جيتوڻيڪ هن جو ڪينو ٺڳيءَ سان ڍڪيو پيو آهي، تہ بہ هن جي شرارت جماعت جي اڳيان کلي ظاهر ٿي پوندي.

27 جيڪو کڏ کڻندو سو انهيءَ ۾ پوندو: ۽ جيڪو ڇپ ليٽائي ٿو تنهن تي اها موٽي اچي پوندي.

28 ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان انهن کي ڌڪاري ٿي جن کي ڦٽي ٿي، ۽ خوشامد ڪندڙ وات موت پيدا ٿو ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan