چوڻيون 24 - Sindhi Bible1 خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر: 2 ڇالاءِ جو هنن جي دل ظلم زبردستيءَ جي خيال ۾ ٿي رهي، ۽ هنن جا چپ نقصان جون ڳالهيون ٿا ڪن. 3 ڏاهپ جي وسيلي گهر جُڙي ٿو؛ ۽ سمجهہ جي وسيلي اُهو قائم ٿئي ٿو؛ 4 ۽ علم جي وسيلي هر طرح جي قيمتي ۽ وڻندڙ مال سان ڪوٺيون ڀربيون آهن؟ 5 ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي. 6 ڇالاءِ جو ڏاهپ واري هدايت سان تون پنهنجي جنگ ڪندين: ۽ گهڻن جي صلاح مصلحت جي ڪري سلامتي آهي. 7 ڏاهپ بي عقل جي پهچ کان گهڻو مٿي آهي: هو چونڪ ۾ پنهنجو وات نٿو پٽي. 8 جيڪو برائي ڪرڻ جون رٿون ڪري ٿو، تنهن کي ماڻهو فسادي شخص سڏيندا. 9 بي عقل جو خيال گناهہ آهي: ۽ ٺٺولي ڪندڙ مان ماڻهن کي نفرت ٿي اچي. 10 جيڪڏهن تون مصيبت جي ڏينهن بي حواس ٿي ويندين، تہ تنهنجو زور ٿورو آهي. 11 جيڪي موت ڏي کڄيو ٿا وڃن تن کي ڇڏاءِ، ۽ جيڪي قتل ٿيڻ لاءِ تيار آهن تن کي پٺ تي هٽائڻ جي ڪوشش ڪر. 12 جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟ 13 اي منهنجا پٽ، تون ماکي کاءُ، ڇالاءِ جو اُها چڱي آهي؛ ۽ مانارو بہ، جو توکي مٺو ٿو لڳي: 14 انهيءَ طرح ڏاهپ کي پنهنجي روح لاءِ ڄاڻ؛ جيڪڏهن تو اها لڌي، تہ تو کي انعام ملندو، ۽ تنهنجي اميد وڍجي نہ ويندي. 15 اي شرير شخص، سچي جي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ ڇپ هڻي لڪي نہ ويهہ؛ هن جي آرام جي جاءِ خراب نہ ڪر: 16 ڇالاءِ جو سچو ماڻهو ست ڀيرا ڪري ٿو ۽ وري اُٿي ٿو: پر شريرن کي آفت اونڌو ڪري ڪيرايو وجهي. 17 جڏهن تنهنجو دشمن ڪري ٿو، تڏهن خوشي نہ ڪر، ۽ جڏهن هو اُبتو ڪري ٿو تڏهن پنهنجي دل کي خوش ٿيڻ نہ ڏ ي: 18 متان خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ ڪري رنج ٿئي، ۽ هن تان پنهنجي ڪاوڙ لاهي ڇڏي. 19 بدي ڪندڙن جي ڪري ڪُرڪندو نہ وت؛ نڪي شريرن تي حسد ڪر. 20 ڇالاءِ جو خراب ماڻهوءَ کي ڪوبہ انعام نہ ملندو؛ شرير جو ڏيئو اُجهامي ويندو. 21 اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو: 22 ڇالاءِ جو انهن جي آفت اوچتو اُٿندي؛ ۽ انهن ٻنهي جي ناس ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر آهي؟ 23 هي بہ ڏاهن جا قول آهن. عدالت ۾ پاسخاطري ڪرڻ چڱي ڳالهہ نہ آهي. 24 جيڪو شرير کي چوي ٿو تہ تون سچو آهين؛ انهيءَ تي ماڻهو لعنت ڪندا ۽ قومون انهيءَ کي ڌڪارينديون: 25 پر جيڪي هن کي ملامت ڪن ٿا انهن جي لاءِ خوشي ٿيندي، ۽ انهن تي چڱي برڪت نازل ٿيندي. 26 جيڪو برابر جواب ڏئي ٿو سو چپن سان چُمي ٿو. 27 پنهنجو ڪم ٻاهر تيار ڪر، ۽ پنهنجي لاءِ ٻنيءَ کي تيار رک؛ ۽ پوءِ پنهنجو گهر اڏاءِ 28 سبب کان سواءِ پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف شاهد نہ ٿيءُ؛ ۽ پنهنجن چپن سان ٺڳي نہ ڪر. 29 ائين نہ چئُہ تہ جيئن هن مون سان ڪيو آهي تيئن آءٌ بہ هن سان ڪندس؛ آءٌ هن ماڻهوءَ کي سندس ڪيتي موجب بدلو ڏيندس. 30 آءٌ سست ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگهيس، ۽ بي سمجهہ ماڻهو جي ڊاک جي منهہ وٽان بہ؛ 31 ۽ ڏس، چوڌاري انهيءَ تي ڪنڊا چڙهي ويا هئا، ۽ اُهو ڪانڊيرن سان ڍڪجي ويو هو ۽ انهيءَ جي پڪي ڀت بہ ڀڳي ڊٺي پيئي هئي. 32 تڏهن مون نهاري چڱيءَ طرح ويچار ڪيو: اُنهيءَ کي ڏسي مون سمجهيو. 33 اڃا بہ ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي، سمهڻ لاءِ ٿوريون ٻانهون سوڙهيون ڪرڻ: 34 ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي؛ ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگي ايندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society