Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 23 - Sindhi Bible

1 جڏهن تون ڪنهن حاڪم سان گڏ ماني کائڻ ويهين، تڏهن جيڪي تنهنجي اڳيان هجي تنهن ڏانهن ڌيان سان نهار ۽ دل ۾ ويچار ڪر؛

2 ۽ جي تون گهڻي اشتها وارو ماڻهو آهين، تہ پنهنجي نڙي تي ڪاتي رک.

3 هن جي لذيذ طعامن جو خواهشمند نہ ٿيءُ؛ جو اُهي دغابازيءَ جو کاڌو آهن.

4 دولتمند ٿيڻ لاءِ پاڻ کي هلاڪ نہ ڪر؛ پنهنجي اها ڏاهپ ڇڏي ڏي.

5 جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.

6 بد نظر واري ماڻهوءَ جي ماني نہ کاءُ، ۽ نہ انهيءَ جي عمدن طعامن جي خواهش رک:

7 ڇالاءِ جو جيئن هو پنهنجي دل ۾ خيال ڪري ٿو تيئن ئي هو آهي: هو توکي چوي ٿو تہ کاءُ ۽ پيءُ؛ پر هن جي دل تو سان نہ آهي.

8 جيڪو گرهہ تو کاڌو آهي سو تون اُلٽي ڪري ڪڍندين، ۽ پنهنجون مٺيون ٻوليون ضايع ڪندين.

9 بيوقوف جي ٻڌندي ڪجهہ بہ نہ ڳالهاءِ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجين ڳالهين جي ڏاهپ کي ڌڪاريندو.

10 قديم حد جا نشان اصلوڪي جاءِ تان نہ چور؛ ۽ يتيمن جي ٻنين ۾ دخل نہ ڪر:

11 ڇالاءِ جو انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ هو اُنهن جي طرفان تنهنجي برخلاف حجت دليل آڻيندو.

12 پنهنجي دل تعليم تي لڳاءِ، ۽ پنهنجا ڪن علم تي.

13 ٻار کي سيکت ڏيڻ بند نہ ڪر: ڇالاءِ جو جيڪڏهن تون هن کي لڪڻ سان ماريندين تہ هو مري ڪين ويندو.

14 تون هن کي ڀلي لڪڻ سان مار ڏي، ۽ هن جو روح قبر کان بچاءِ.

15 اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تنهنجي دل عقل واري ٿيندي تہ منهنجي دل، هائو منهنجي دل خوش ٿيندي:

16 هائو، جڏهن تنهنجا چپ درست ڳالهيون ڳالهائيندا، تڏهن منهنجا گردا خوش ٿيندا.

17 پنهنجي دل کي گنهگارن تي ريس ڪرڻ نہ ڏي: پر تون سڄو ڏينهن خداوند جي خوف ۾ رهہ:

18 ڇالاءِ جو انعام جي پڪ آهي؛ ۽ تنهنجي اميد وڍجي نہ ويندي.

19 اي منهنجا پٽ، ٻڌ ۽ ڏاهو ٿيءُ، ۽ پنهنجيءَ دل کي سنئين رستي تي آڻ.

20 شراب خورن مان؛ ۽ گهڻي گوشت کائيندڙن مان نہ ٿي:

21 ڇالاءِ جو شرابي ۽ هٻڇي نيٺ ڪنگالپڻ کي وڃي پهچندا: ۽ ڳِهر ماڻهوءَ کي ٿڳڙي پوش ڪندي.

22 جنهن پيءُ مان تون ڄائو آهين تنهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌ، ۽ جڏهن تنهنجي ماءُ ڪراڙي ٿئي تڏهن انهيءَ کي ڌڪار نہ.

23 سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.

24 سچي جو پيءُ نهايت خوش رهندو: ۽ جيڪو ڏاهو ٻار ٿو ڄڻي تنهن کي انهيءَ مان خوشي حاصل ٿيندي.

25 ڀلي تہ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجي ماءُ خوش رهن، ۽ ڀلي تہ جنهن توکي پيٽ ۾ سانڍيو آهي، سا خوشيون ڪري.

26 اي منهنجا پٽ، مون کي پنهنجي دل ڏي، ۽ پنهنجين اکين کي منهنجن رستن جي ڪري خوش ٿيڻ ڏي.

27 ڇالاءِ جو ڪسبياڻي هڪڙي اونهي کڏ آهي؛ ۽ ڌاري زال هڪڙي سوڙهي کوهي آهي.

28 هائو هوءَ هڪڙي چور وانگر ڇپ هڻي ويهي ٿي، ۽ ماڻهن ۾ دغابازن جو شمار وڌائي ٿي.

29 ڪنهن کي غم آهي؟ ڪنهن کي ڏک آهي؟ ڪير جهيڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي سبب کان سواءِ زخم آهن؟ ڪنهن کي اکين جي ڳاڙهاڻ آهي؟

30 اهي جي شراب پيئڻ ۾ گهڻو وقت گذارين ٿا؛ اُهي جي گڏيل شراب ڳولي لهڻ لاءِ وڃن ٿا.

31 جڏهن شراب ڳاڙهو آهي تڏهن اُن ڏانهن نہ نهار، يا جڏهن اُهو پيالي ۾ پنهنجو رنگ ظاهر ڪري ٿو، ۽ جڏهن اهو لسو ڳسيو وڃي ٿو:

32 ڇالاءِ جو پڇاڙيءَ ۾ اُهو نانگ وانگر چڪ هڻي ٿو، ۽ کپر وانگر ڏنگي ٿو.

33 تنهنجون اکيون پرايون شيون ڏسنديون، ۽ تنهنجي دل بيهوديون ڳالهيون ڪندي.

34 هائو تون انهيءَ جهڙو ٿيندين جو سمنڊ جي وچ ۾ سمهي ٿو، يا انهيءَ جهڙو، جو جهاز جي کوهي جي چوٽيءَ تي سمهي ٿو.

35 تون چوندين تہ هنن مون کي ڌڪ هنيو آهي پر مون کي ايذاءُ ڪونہ پهتو آهي؛ هنن مون کي ماريو آهي، پر مون تي انهيءَ جو اثر ئي ڪونہ ٿيو: آءٌ ڪڏهن سجاڳ ٿيندس؟ آءٌ وري انهيءَ کي ڳوليندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan