Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 22 - Sindhi Bible

1 چڱو نالو گهڻيءَ دولت کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي، ۽ محبت واري مهرباني چاندي ۽ سون کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي.

2 شاهوڪار ۽ غريب پاڻ ۾ گڏبا آهن: خداوند انهن سڀني جو خالق آهي.

3 سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا.

4 نماڻائيءَ جو انعام ۽ خداوند جو خوف دولت ۽ عزت ۽ حياتي آهي.

5 بيهودي ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا آهن: جيڪو پنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو ان کان پري رهندو.

6 ٻار کي اهو رستو سيکار جنهن تي هن کي هلڻ کپي، ۽ جڏهن هو ٻڍو ٿيندو تڏهن بہ اهو نہ ڇڏيندو.

7 شاهوڪار غريب تي حڪم هلائي ٿو، ۽ اُڌار کڻندڙ اُڌاري ڏيندڙ جو نوڪر آهي.

8 جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.

9 جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي.

10 ٺٺولي ڪندڙ کي ڪڍي ڇڏ تہ جهيڙو نڪري ويندو؛ هائو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندا.

11 جيڪو دل جي صفائي پسند ٿو ڪري، تنهن جي چپن جي سونهن ڪري بادشاهہ سندس دوست ٿيندو.

12 خداوند جون اکيون علم واري کي بچائين ٿيون، پر هو دغاباز ماڻهوءَ جي ڳالهين کي اونڌو ڪيو ڇڏي.

13 سست ماڻهو چوي ٿو تہ ٻاهر شينهن آهي؛ آءٌ گهٽين ۾ مارجي ويندس.

14 ڌاريءَ زال جو وات هڪڙي اونهي کڏ آهي: جنهن مان خداوند کي نفرت ٿي اچي سو انهيءَ ۾ ڪرندو.

15 بي عقلي ٻار جي دل ۾ ٻڌي پيئي آهي؛ پر سيکت جو لڪڻ انهيءَ کي پري ڪيو ڇڏي.

16 جيڪو پنهنجي فائدي وڌائڻ لاءِ غريب تي ظلم ٿو ڪري، ۽ جيڪو دولتمند کي ڏئي ٿو سو ضرور ڪنگال ٿيندو.

17 پنهنجو ڪن ڏي ۽ ڏاهن جا قول ٻڌ، ۽ منهنجي تعليم ڏانهن پنهنجي دل لڳاءِ.

18 ڇالاءِ جو جي تون انهن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍيندين تہ اها چڱي ڳالهہ آهي: ۽ اُهي تنهنجن چپن تي ڄمي وڃن.

19 اُهي اڄوڪي ڏينهن مون توکي ٻڌايا آهن، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿئي.

20 مون تو ڏانهن تمام عمديون ڳالهيون نصيحتن ۽ علم بابت نہ لکيون آهن ڇا؟

21 تہ توکي سچ جي ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي، ۽ جن توکي موڪليو آهي تن وٽ تون سچ جون ڳالهيون موٽي کڻي وڃين؟

22 ڪنهن غريب کي انهيءَ ڪري نہ ڦر تہ هو غريب آهي. نڪي ڪنهن ڏکويل کي دروازي تي ستاءِ:

23 ڇالاءِ جو خداوند هنن جي طرفان حجت دليل ڪندو، ۽ انهن جي حياتي ڦري وٺندو جي هنن جي ڦرين ٿا.

24 جنهن کي ڪاوڙجڻ جي عادت آهي تنهن سان دوستي نہ رک؛ ڪاوڙ واري ماڻهوءَ سان گڏ نہ گهم:

25 تہ متان تون هنن جون عادتون سکين، ۽ پنهنجي جان جي لاءِ هڪڙو ڦانڌو پيدا ڪرين.

26 جيڪي شرط لاءِ هٿ ٿا ٺوڪين تن مان هڪڙو نہ ٿيءُ، نڪي انهن مان ٿيءُ جي قرض جا ضامن آهن:

27 جيڪڏهن ڏيڻ لاءِ تو وٽ ڪجهہ بہ ڪونهي، تہ پوءِ ڇو هو تنهنجي هيٺان تنهنجو هنڌ ئي ڪڍي وڃي؟

28 انهيءَ قديم حد جي نشان کي نہ چور، جو تنهنجن ابن ڏاڏن هڻي ڇڏيو آهي.

29 تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan