چوڻيون 2 - Sindhi Bible1 اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون منهنجون ڳالهيون قبول ڪندين، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکندين؛ 2 جيڪڏهن تون پنهنجا ڪن ڏاهپ ڏانهن ڦيرائيندين، ۽ پنهنجي دل سمجهہ تي لڳائيندين؛ 3 هائو، جيڪڏهن تون سياڻپ کي سڏيندين، ۽ سمجهہ کي پڪاريندين؛ 4 جيڪڏهن تون انهيءَ کي چانديءَ وانگر ڳوليندين، ۽ لڪلن خزانن وانگر انهيءَ جي ڳولا ڪندين؛ 5 تہ پوءِ تون خدا جو خوف سمجهندين، ۽ خدا جي سياڻپ حاصل ڪندين. 6 ڇالاءِ جو خداوند ڏاهپ ڏئي ٿو؛ هن جي وات مان علم ۽ سمجهہ اچن ٿا: 7 هو سچن جي لاءِ پوري ڏاهپ رکي ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي سپر آهي، جي سچائيءَ تي هلن ٿا؛ 8 انهيءَ لاءِ تہ هو عدالت جي رستن جي سنڀال ڪري، ۽ پنهنجي مقدسن جو رستو قائم رکي. 9 تڏهن تون سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف،، هائو سڀڪا چڱي واٽ سمجهندين. 10 ڇالاءِ جو ڏاهپ تنهنجي دل ۾ داخل ٿيندي، ۽ علم تنهنجي روح کي پسند ايندو؛ 11 سياڻپ تنهنجي نگهباني ڪندي، سمجهہ تنهنجي سنڀال ڪندي: 12 انهيءَ لاءِ تہ توکي خرابيءَ جي رستي کان، ۽ جيڪي ماڻهو بيهوديون ڳالهيون ٿا ڪن تن کان بچائي؛ 13 جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛ 14 جي برائي ڪرڻ ڪري خوش ٿين ٿا، ۽ بري ماڻهوءَ جي اڳرائيءَ ڪري خوشي ڪن ٿا: 15 جن جا رستا ڏنگا آهن، ۽ جن جون واٽون اُبتيون آهن: 16 انهيءَ لاءِ تہ توکي ڌاريءَ زال کان بچائي، يعني انهيءَ ڌاريءَ زال کان جا پنهنجين ٻولين سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي؛ 17 جا پنهنجي جوانيءَ جو سنگتي ڇڏي ڏئي ٿي، ۽ پنهنجي خدا جو عهد اقرار وساري ڇڏي ٿي: 18 ڇالاءِ جو هن جو گهر موت ڏانهن ڦريل آهي، ۽ هن جون واٽون اونداهيءَ ڏانهن: 19 جيڪي هن وٽ وڃن ٿا تن مان ڪوبہ ڪونہ ٿو موٽي؛ نڪي اهي حياتيءَ جي واٽن کي پهچن ٿا: 20 انهيءَ لاءِ تہ تون چڱن ماڻهن جي رستي تي هلين، ۽ سچن جون واٽون سنڀالي وٺي اچين. 21 ڇالاءِ جو سچا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهندا، ۽ ڪامل انهيءَ ۾ وڃي بچندا. 22 پر شرير انهيءَ زمين تان وڍجي ويندا، ۽ جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن تن جي پاڙ انهيءَ مان پٽجي ويندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society