Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 16 - Sindhi Bible

1 دل جون تياريون ماڻهوءَ جي بِلي آهن: پر زبان جو جواب خداوند وٽان آهي.

2 ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو.

3 پنهنجا ڪم خداوند جي حوالي ڪر تہ پوءِ تنهنجا ارادا قائم رهندا.

4 خداوند سڀڪا شيءِ پنهنجي مطلب لاءِ جوڙي آهي: هائو، بلڪ شريرن کي برائيءَ جي ڏينهن لاءِ بہ.

5 جيڪو پنهنجي دل ۾ مغرور آهي تنهن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: بيشڪ هو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.

6 رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.

7 جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.

8 ٿوري پيدائش سچائيءَ سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهڻيءَ آمدنيءَ کان جا بي انصافيءَ سان گڏي ڪيل آهي.

9 ماڻهو جي دل سندس رستو رٿي ٿي: پر خداوند ان جي قدمن کي هلائي ٿو.

10 بادشاهہ جي چپن ۾ خدائي فيصلو آهي: هن جو وات عدالت ۾ خطا نہ ڪندو.

11 پوري ساهمي ۽ پڙ خداوند جا آهن: ڳوٿريءَ جا سڀ تورا سندس ڪم آهن.

12 شرارت جو ڪم ڪرڻ بادشاهن جي لاءِ ڪراهت جهڙي ڳالهہ آهي: ڇالاءِ جو تخت سچائيءَ سان قائم ٿو رهي.

13 سچا چپ بادشاهن جي خوشي آهن: ۽ جيڪو سچ ڳالهائيندو آهي تنهن کي هو پيار ڪندا آهن.

14 بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصدن وانگر آهي: پر ڏاهو ماڻهو انهيءَ کي جهڪو ڪندو.

15 بادشاهہ جي شڪل جي روشنائيءَ ۾ حياتي آهي: ۽ هن جي مهرباني پڇاڙيءَ واري مينهن جي ڪڪر جهڙي آهي.

16 ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.

17 سچي جو شاهي رستو آهي بديءَ کان پري ڀڄڻ؛ جيڪو پنهنجو رستو سنڀالي ٿو، سو پنهنجو ساهہ بچائي ٿو.

18 مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.

19 دل جو نماڻو ٿي غريبن سان گذارن بهتر آهي: انهيءَ کان تہ مغرور ماڻهن سان لٽ جو مال ورهائي وٺجي.

20 جيڪو ڪلام تي ڌيان ڏئي ٿو سو چڱائي لهندو: ۽ جيڪو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي سو سڀاڳو آهي.

21 ڏاهپ واري دل سياڻي سڏبي: ۽ چپن جو مٺاڻ علم وڌائي ٿو.

22 جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي.

23 ڏاهي جي دل سندس وات کي تعليم ڏئي ٿي، ۽ سندس چپن ۾ علميت زيادہ ڪري ٿي.

24 وڻندڙ ڳالهيون ماکيءَ جي ماناري جهڙيون آهن، روح جي لاءِ مٺيون آهن ۽ هڏن جي لاءِ تندرستي آهن.

25 هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پر ان جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن.

26 پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي اشتها ان جي لاءِ پورهيو ٿي ڪرائي؛ ڇالاءِ جو هن جو وات اهو هن کان گهري ٿو.

27 نالائق ماڻهو شرارت جون رٿون ڪري ٿو: ۽ هن جي چپن ۾ ساڙيندڙ باهہ آهي.

28 بيهودو ماڻهو جهيڙو جهڳڙو پکيڙي ٿو: ۽ چغل خور خاص دوستن کي دشمن ڪري ڇڏي ٿو.

29 ظالم ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌتاري وٺي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ رستي تي وٺي ٿو وڃيس جو چڱو ناهي.

30 جيڪو پنهنجون اکيون بند ٿو ڪري سو انهيءَ لاءِ ٿو ڪري تہ بيهوديون ڳالهيون رٿي: جيڪو پنهنجا چپ ڀيڙي ٿو سو خرابيءَ پيدا ڪري ٿو.

31 اڇو مٿو فخر جو ڇٽ آهي، اُهو سچائيءَ جي رستي ۾ لڀندو.

32 جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو زور واري ماڻهوءَ کان بهتر آهي؛ ۽ جيڪو پنهنجي کي روح قبضي ۾ رکي ٿو سو انهيءَ کان بهتر آهي جو شهر ٿو وٺي.

33 ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan