Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 14 - Sindhi Bible

1 سڀڪا ڏاهي زال پنهنجو گهر اڏي ٿي: پر بي عقل زال انهيءَ کي پنهنجن هٿن سان ڊاهي ڇڏي ٿي.

2 جيڪو سنئون سڌو هلڻ وارو آهي سو خداوند کان ڊڄي ٿو: پر جيڪو ڏنگن رستن وارو آهي سو ان کي ڌڪاري ٿو.

3 بي عقلن جي وات ۾ مغروريءَ جي لٺ آهي: پر ڏاهن جا چپ انهن کي بچائين ٿا.

4 جتي ڏاند ناهن اتي آهرو صاف ٿو رهي: پر اَن جي زيادہ پيدائش ڏاند جي مضبوطائيءَ جي ڪري آهي.

5 ايماندار شاهد ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو: پر ڪوڙو شاهد ڪوڙ ڳالهائي ٿو.

6 ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.

7 بي عقل ماڻهوءَ جي روبرو ويندين تہ هن ۾ علم وارا چپ نہ ڏسندين.

8 سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.

9 بي عقل گناهہ تي ٺٺولي ڪن ٿا: پر سچن ۾ چڱي نيت آهي.

10 دل پنهنجي ڪَڙاڻ پاڻ ڄاڻي ٿي: ۽ ڪو ڌاريو انهيءَ جي خوشيءَ ۾ دست اندازي نٿو ڪري.

11 شرير جو گهر ڪري پوندو: پر سچي جو تنبو آباد رهندو ايندو.

12 هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ٿو ڏسجي، پر اُن جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن.

13 کلڻ مهل بہ دل غمگين ٿي رهي؛ ۽ خوشيءَ جي پڇاڙي غم آهي.

14 گمراهہ دل وارو پنهنجن رستن سان ڀريل رهندو: ۽ چڱو ماڻهو پاڻ منجهان ئي راضي رهندو.

15 ڀورڙو ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساهہ ڪري ٿو: پر سياڻو ماڻهو پنهنجي هلڻ ڏي چڱيءَ طرح نهاري ٿو.

16 ڏاهو ماڻهو ڊڄي ٿو، ۽ بديءَ کان پري ڀڄي ٿو: پر بي عقل بي حيا ٿي هلي ٿو، ۽ يقين وارو ڏسجي ٿو.

17 جيڪو جلد ڪاوڙجي ٿو سو بي عقليءَ جي هلت ڪري ٿو: ۽ خراب رٿن ڪرڻ وارو ماڻهو ڌڪارڻ ۾ اچي ٿو.

18 ڀورڙن کي ورثي ۾ بي عقلي ملي ٿي: پر سياڻن کي علم جو ڇٽ ملي ٿو.

19 بڇڙا چڱن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائين ٿا؛ ۽ شرير سچن جي درن تي.

20 غريب کي خود سندس پاڙيسري بہ ڌڪاري ٿو: پر دولت مند جا گهڻا ئي دوست آهن.

21 جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌڪاري ٿو سو گناهہ ڪري ٿو: پر جيڪو غريبن تي رحم ٿو ڪري سو سڀاڳو آهي.

22 جي برائيءَ جي رٿ ڪن ٿا سي گمراهہ نہ آهن ڇا؟ پر رحم ۽ سچ انهن لاءِ هوندو جي چڱائيءَ جي رٿ ٿا ڪن.

23 سڀ ڪنهن پورهئي مان فائدو آهي: پر چپن جي بڪ بڪ مان ڪنگالپڻ ٿو پيدا ٿئي.

24 ڏاهن جي دولت سندن ڇٽ آهي: پر بي عقلن جي بي عقلي رڳي بي عقلي آهي.

25 سچو شاهد ماڻهن جا ساهہ بچائي ٿو: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ دغا بازي ڪري ٿو.

26 خدا جي خوف ۾ پڪو يقين آهي: ۽ ان جي اولاد کي پناهہ جي جاءِ ملندي.

27 خدا جو خوف حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري ماڻهو موت جي ڦانڌن کان ڇٽي ٿو.

28 رعيت جي گهڻائيءَ ۾ بادشاهہ جو فخر آهي: پر رعيت جي گهٽتائيءَ ۾ بادشاهہ جي هلاڪت آهي.

29 جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.

30 سالم دل جسم جي حياتي آهي، پر حسد هڏن جو ساڙ آهي.

31 جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري سو پنهنجي خالق کي ملامت ٿو ڪري؛ پر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري سو انهيءَ کي عزت ٿو ڏئي.

32 شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.

33 ڏاهپ انهيءَ جي دل ۾ ٿي رهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر جيڪي بي عقلن جي دل ۾ آهي سو ظاهر ٿيو پوي.

34 سچائي قوم کي مٿي چاڙهي ٿي: پر گناهہ قوم جي لاءِ خواري آهي.

35 بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي جو ڏاهپ سان هلي ٿو: پر اُن جي ڪاوڙ انهيءَ تي ٿي رهي جو شرم جهڙا ڪم ڪري ٿو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan