Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 13 - Sindhi Bible

1 ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي.

2 ماڻهو پنهنجي وات جي ڦل جي ڪري چڱائي کائيندو: پر دغابازن جي روح لاءِ ظلم زبردستي آهي.

3 جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.

4 سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.

5 سچو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌڪاري ٿو: پر شرير ماڻهو نفرت جهڙو آهي، ۽ نيٺ شرمندو ٿئي ٿو.

6 سچائي انهيءَ جي نگهباني ڪري ٿي جو پنهنجي رستي ۾ سچو آهي: پر شرارت گنهگار کي اونڌو اُڇلايو ڇڏي.

7 ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي دولتمند ڪري ٿو، تہ بہ وٽس ڪي ڪين آهي: ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي غريب ڪري ٿو، تہ بہ وٽس گهڻي دولت آهي.

8 دولتمند جي حياتيءَ جو عيوضو سندس دولت آهي: پر غريب ڪوبہ دڙڪو ڪونہ ٿو ٻڌي.

9 سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو.

10 مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.

11 اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.

12 ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي.

13 جيڪو ڪلام کي ڌڪاري ٿو سو پاڻ کي ناس ڪري ٿو: پر جيڪو حڪم کان ڊڄي ٿو تنهن کي انعام ملندو.

14 ڏاهن جي تعليم حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري موت جي ڦانڌن مان ڇُٽجي ٿو.

15 چڱي سمجهہ قبوليت ٿي بخشي: پر دغابازن جو رستو ڏکيو آهي.

16 سڀڪو سياڻو ماڻهو علم سان ڪم ڪري ٿو: پر بي عقل بي عقلي پکيڙي ٿو.

17 شرير قاصد خرابيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو: پر ايماندار ايلچي تندرستي آڻيندڙ آهي.

18 جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.

19 حاصل ٿيل مراد دل کي مٺي ٿي لڳي: پر برائيءَ کان پري ڀڄڻ بي عقلن جي لاءِ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي.

20 ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.

21 بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو.

22 چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.

23 غريبن جي ٻنيءَ ۾ گهڻو اَنُ آهي: پر اهڙا بہ ڪي آهن جي بي انصافيءَ جي ڪري ناس ٿا ٿين.

24 جيڪو پنهنجو لڪڻ نٿو ڪم آڻي سو پنهنجي پٽ کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو سو بروقت انهيءَ کي سيکت ڏئي ٿو.

25 سچو پيٽ ڀري کائي خوش ٿئي ٿو: پر بي عقل جو پيٽ ڀرجڻ جو ناهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan